آءِ پي ايل مان بيزاري، وڏن رانديگرن پي ايس ايل جو رخ ڪري ورتو

ممبئي (ويب ڊيسڪ) اسٽار رانديگرن جي انڊين پريميئر ليگ (آءِ پي ايل) ڇڏڻ کانپوءِ ليگ جي برانڊ ويلي به گهٽجڻ لڳي آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، 2025ع ۾ آءِ پي ايل جي برانڊ ويليو 20 سيڪڙو گهٽجي وئي، جنهن کانپوءِ ليگ جي برانڊ ويليو 12 بلين ڊالر مان گهٽجي 9.6 بلين ڊالر ٿي وئي آهي.
ميڊيا رپورٽن موجب، ممبئي انڊينز جي برانڊ ويليو ۾ 9 سيڪڙو گهٽتائي کا پوءِ فرنچائز ويليو 108 ملين ڊالر آهي.
گذريل سال جي ڀيٽ ۾ رائل چئلينجرز بئنگلورو جي برانڊ ويليو ۾ 10 سيڪڙو، چنائي سپر ڪنگز 24 سيڪڙو، ۽ سن رائزرز حيدرآباد جي برانڊ ويليو ۾ 34 سيڪڙو گهٽتائي ٿي.
اهڙي ريت راجسٿان رائلز جي برانڊ ويليو ۾ به 35 سيڪڙو گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
واضح رهي ته ويجهڙائي ۾اڳوڻو ڏکڻ آفريقي ڪپتان فاف ڊو پليسي، انگلينڊ جو معين علي ۽ آسٽريليا جو گلين ميڪسويل آءِ پي ايل نه کيڏڻ جو اعلان ڪري چڪا آهن، جڏهن ته فاف ڊو پليسي ۽ معين علي هن ڀيري پي ايس ايل ۾ حصو وٺندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.