انڊر 19 ايشيا ڪپ: سمير منهاس ۽ احمد حسين جون سينچريون،پاڪستان هٿان ملائيشيا کي وڏي مارجن تان مات

دبئي (ويب ڊيسڪ) انڊر 19 ايشيا ڪپ ۾ پاڪستان فتح سان شروعات ڪندي ملائيشيا کي 297 رنسن جي وڏي مارجن سان شڪست ڏئي ڇڏي.
دبئي ۾ کيڏيل انڊر 19 ايشيا ڪپ 2025 جي ٻي ميچ ۾ ملائيشيا ٽاس کٽي پاڪستان کي پهرين بيٽنگ جي دعوت ڏني.
پاڪستان پهريان کيڏندي مقرر 50 اوورن ۾ 3 وڪيٽن جي نقصان تي 345 رنسون ٺاهيون.
سمير منهاس 148 بالن تي 177 رنسن جي ناٽ آئوٽ اننگز کيڏي، جنهن ۾ 8 ڇڪا ۽ 11 چوڪا شامل هئا، جڏهن ته احمد حسين 132 رنسون ٺاهيون. ٻنهي بيٽرن ٽين وڪيٽ تي رڪارڊ 293 رنسن جي ڀائيواري قائم ڪئي.
ملائيشيا پاڪستان طرفان کٽڻ لاءِ ڏنل 346 رنسن جي هدف پٺيان دوڙندي 20 هين اوور ۾ رڳو 48 رنسن تي ڍير ٿي وئي.
بيٽنگ ۾ شاندار ڪارڪردگي کانپوءِ شاهينن بالنگ ۾ به ملائيشيا جي ٽيم کي مات ڏئي ڇڏي.
ملائيشيا طرفان ڪپتان دياز بيٽرو ۽ محمد اڪرم 9، 9 رنسون ٺاهي ٽاپ اسڪورر رهيا، جڏهن ته ٽي ٻيا بيٽر کاتو کولڻ بنا ئي پويلين موٽي ويا.
پاڪستان جي علي رضا ۽ محمد صيام 3،3 وڪيٽ ورتيون، جڏهن ته دانيال علي خان 2 ۽ نيقاب شفيق 1 وڪيٽ حاصل ڪئي.
ٽورنامينٽ ۾ پاڪستان پنهنجي ٻي ميچ آچر ڏينهن روايتي مخالف ڀارت خلاف کيڏندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.