اوٽاوا/ڪراچي(حنيف دوامي)شڪارپور ۾ ڊرامائي پوليس مقابلي ۾ ڇهه ماڻهن کي ڏينهن ڏٺي جو شڪارپور جي مکيه بازار ۾ پوليس چئني پاسن کان گهيري فائرنگ ڪري ماري ڇڏيو. ڊي ايس پي پارس ۽ سندس مڙس ڊي ايس پي ظهور سومرو زخمي ٿيا،. زخم به اهڙا جو چند ڪلاڪن بعد ئي انهن جي شادي جي سالگرهه هئي، جنهن ۾ سکر جو نوجوان ميئر سلان شيخ به شامل ٿيو ۽ انهن کي گلن جو گلدستو پيش ڪيو. هن ڳالهه مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هي مقابلو ڪيترو “حقيقي” هو، ڪيترو “ڊرامائي” ۽ ڪيترو “پراسرار“.چيو پيو وڃي ته مارجي ويل ڇهه ماڻهو اڳوڻي صوبائي وزير، ايم پي اي ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ امتياز شيخ جي حلقي سان تعلق رکندڙ هئا. اهي انهن جا سپورٽر، ورڪر ۽ ڪجهه ته انهن جا گن مين به هئا، جيڪي ڪراچي ۾ انهن جي بنگلي تي ڊيوٽي ڪندا هئا ۽ شڪارپور ۾ به ساڻس هوندا هئا. يعني انهن جو سڌو سنئون تعلق امتياز شيخ سان ملي ٿو.شڪارپور جي نوجوان ايس ايس پي شاهزيب چاچڙ جي پريس ڪانفرنس مان به اهو صاف ٿيو آهي ته مارجي ويل ماڻهو ڪو “ڪچي جا وڏا ڏوهاري يا ڌاڙيل“ نه هئا، بلڪه شڪارپور ۾ رڳو معمولي قسم جا ڏوهه ڪندا هئا، جهڙوڪ ڀتو وٺڻ، يا منشيات جو ننڍي پيماني تي وڪرو ڪرڻ. شڪارپور هڪ اهڙو شهر آهي جتي قبائلي ماحول سبب هر ماڻهو مٿان ڪو نه ڪو ڪيس هوندو آهي. تنهن ڪري اهي مارجي ويل ماڻهو معصوم ته نه هئا پر سندن ڏوهه ايترو وڏو به نه هو جو کين پوليس مقابلي ۾ ماري ڇڏيو وڃي.هاڻي سوال اهو آهي ته هي مقابلو اصل ۾ ٿيو به يا نه؟ اڃا تائين معلوم ناهي ٿي سگهيو ته ڊي ايس پي ظهور سومرو ۽ سندس گهرواري کي گولي لڳي هئي يا هو ڪري زخمي ٿيا؟ ۽ جيڪڏهن هنن کي واقعي گولي لڳي ته ڪيئن ڪجهه ڪلاڪن بعد هو سالگرهه جي تقريب ۾ ٺيڪ ٺاڪ موجود هئا؟صوبائي گهرو وزير ضيا لنجار هن واقعي تي پوليس کي مبارڪ ڏني، سنڌ پوليس جي آءِ جي غلام نبي ميمڻ ان کي پوليس جو تاريخي ڪارنامو قرار ڏنو، پر ڪابه انڪوائري ڪرائڻ جي زحمت نه ڪئي وئي ته هي مقابلو اصل ۾ ٿيو هو يا پوليس جي غلطي سان ڇهه ماڻهو مارجي ويا جن جو تعلق امتياز شيخ جي تڪ سان آهي ۽ جيڪي انهن جا ووٽر، ورڪر ۽ گن مين هئا.هاڻي سوال اهو پيدا ٿيو آهي ته امتياز شيخ ڇو چپ آهي؟ هن اڃا تائين پنهنجي ووٽرن جي اهڙي مبينه جعلي ۽ پراسرار مقابلي ۾ مارجڻ تي آواز ڇو نه اٿاريو؟