فيصلو چئلينج ڪرڻ جو اعلان، جنرل فيض مضبوطي سان مقابلو ڪيو: وڪيل

راولپنڊي (م ڊ) سابق ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد پنهنجي سزا کي چيلينج ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي. ان حوالي سان ان جي وڪيل بيرسٽر ميان علي اشفاق جو ردعمل سامهون آيو آهي، جن چيو  آهي ته "فيض حميد جي سزا چيلينج ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ان سلسلي ۾ مون وٽ اڳ ئي سزا چيلينج ڪرڻ جي هدايتون موجود آهن، ۽ فيصلي جي ڪاپي ۽ لاڳاپيل رڪارڊ لاءِ درخواست فوجي عدالت ۾ داخل ڪنداسين. هن وڌيڪ چيو ته 40 ڏينهن اندر اپيل ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪرڻ ضروري آهي، ۽ اسان ان دوران اپيل داخل ڪري ڇڏينداسين . آءِ ايس آءِ جي اڳوڻي ڊي جي جنرل رٽائرڊ فيض حميد جي وڪيل بيرسٽر ميان علي اشفاق چيو آهي ته فيلڊ ڪورٽ مارشل جي ڪارروائي دوران سندس اصيل جا اعصاب مضبوط رهيا ۽ هاڻي اهي ان فيصلي خلاف اپيل ڪئي ويندي. ميڊيا سان ڳالهائيندي ميان علي اشفاق ٻڌايو ته  مون وٽ اڳ ئي سزا کي چيلنج ڪرڻ جون هدايتون موجود آهن  پر ان مطابق، انهن کي فيصلي جي ڪاپي ان ڳالهه تائين وصول نه ٿي هئي. هن چيو ته  فيصلي جي ڄاڻ مون کي به آءِ  ايس پي آر جي طرفان جاري ڪيل پريس رليز مان ملي . هن ٻڌايو ته  فيصلي جي ڪاپي ملڻ تي ان جو تفصيلي جائزو وٺي اپيل داخل ڪري ڇڏينداسين. بيرسٽر ميان علي اشفاق چيو ته 6 ڊسمبر تي فيض حميد کي چارج شيٽ ڪيو ويو ۽ گذريل سال 13 ڊسمبر تي باقاعدا ٽرائل شروع ڪيو ويو. جڏهن پهريون دفعو قانوني ٽيم عدالت ۾ پيش ٿي ته ان وقت کان وٺي جنهن ڪنهن به اسٽيج تائين پهچڻ جو عمل آهي، جيئن هن وقت اها پهرين اسٽيج مڪمل ٿي آهي، پوءِ اسان ٻي اسٽيج تي وينداسين. هن چيو ته "جئين سپريم ڪورٽ جو حڪم  هو  ته 45 ڏينهن ۾ اپيل جو حق هاءِ ڪورٽ ۾ ڏنو ويندو، پر هن حڪم تي اڄ تائين عملدرآمد ناهي ٿيو. جيڪڏهن مستقبل ۾ ان تي عمل ٿيندو ۽ ڪا نئين قانون سازي ٿيندي ته جنهن مطابق هاءِ ڪورٽ پهريون فورم بڻجي وڃي، ته پوءِ ان حساب سان اسان پنهنجي لائحہ عمل کي ترتيب ڏينداسين، پر هن وقت جڏهن ته پهريون فورم آرمي چيف وٽ آهي، اسان ان ئي مطابق اپيل ڪنداسين.جڏهن ان کان عدالتي ڪارروائي بابت سوال ڪيو ويو، ته انهن چيو ته پاڪستان جي تاريخ ۾ اهو پهريون ڪورٽ مارشل آهي جتي هڪ وڪيل دفاع طور آخري حد تائين شفافيت آڻڻ لاءِ قدم کنيا

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.