ڪراچي(عوامي آواز رپورٽ) سوشل ميڊيا تي جنرل فيض حميد سان گڏ اُن وقت جي آرمي چيف جنرل باجواجي ڪردار تي به سوال اٿي رهيا آهن،صحافي ۽ تجزئي نگار فهد حسين به آءِ ايس پي آر جي پريس ريلز جي آخري جملي کي معنى خيز قرار ڏنو، جڏهن ته صحافي طلعت حسين ايڪس تي لکيو ته ’هاڻي جڏهن جنرل ريٽائرڊ فيض حميد کي قرارِ واقعي سزا ملي آهي، پر جنرل ريٽائرڊ باجوا جهڙا ماڻهو اڃا به آزاديءَ سان گهمي رهيا آهن۔‘هن چيو ته فيض، باجوا ۽ عمران خان کان فائدو وٺندڙ ماڻهو اڄ ٽي وي اسڪرينن تي اسان کي قانون ۽ اخلاقيات جا ليڪچر ڏئي رهيا آهن،فيصل وڙائچ لکيو ته ڇا فيض حميد اڪيلو هئو؟ جنرل باجوا جو به احتساب ٿيڻ گهرجي. انهن ٻنهي هن ملڪ سان وڏو ظلم ڪيو،اينڪر شاهزيب خانزاده چيو ته جنرل (ر) فيض حميد پنهنجي عهدي کي ذاتي فائدي، جمهوريت کي نقصان پهچائڻ، نواز شريف کي هٽائي عمران خان کي آڻڻ لاءِ استعمال ڪيو۔ هن کي عهدي تي رکڻ لاءِ ئي عمران خان جو اسٽيبلشمينٽ سان ٽڪراءُ شروع ٿيو۔۔۔ جنرل باجوه به هن جي ڪيترن ئي عملن کان آجو ناهي،،سينئر صحافي ڪامران خان لکيو ته جنرل فيض حميد کي سزا ته اڄ پاڪ فوج جي نظام ٻڌائي آهي، پر ان وقت به ته پاڪ فوج جو نظام موجود هو، ان وقت به ڪو آرمي چيف هو، جڏهن جنرل فيض جو نظام سرعام گهمي رهيو هو،. ڇا هڪ عام پاڪستاني به نٿو ڄاڻي ته فوج ۾ آرمي چيف جي مرضي ۽ ڄاڻ کانسواءِ پکي به پر نٿو هڻي سگهي؟ هي حقيقت تمام گهٽ ماڻهو ڄاڻن ٿا ته اُن وقت جي ڊي جي سي آءِ ميجر جنرل فيض حميد جي حرڪتن بابت رپورٽ ان وقت جي ڊي جي ايم آءِ ميجر جنرل عاصم منير تڏهوڪي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوااڳيان رکيون هيون، پر ميجر جنرل فيض خلاف ڪا ڪارروائي بدران کيس ترقي ڏئي ليفٽننٽ جنرل بڻايو ويو،ان کان پوءِ جنرل باجوابلڪل اکيون بند ڪري ڇڏيون. آءِ ايس آءِ ۾ مقرر سوين فوجي آفيسر جنرل فيض جي اِشاري تي هلندا رهيا، جڏهن ته ان وقت جو سربراهه خاموش تماشائي بڻيل رهيو