ايس ايس پي حيدرآباد پاران اي آءِ ايس عائشا شيخ تي مبينا تشدد جو نوٽيس، الزام هيٺ آيل ماريا ساريو معطل، جاچ شروع

حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) ايس ايس پي حيدرآباد، اي ايس آءِ عائشا شيخ تي مبينه تشدد واري معاملي جو نوٽيس وٺندي الزام هيٺ آيل جونيئر ڪلارڪ ۽ هيومن رائيٽس سيل جي انچارج ماريا ساريو کي جاچ مڪمل ٿيڻ تائين معطل ڪري ڇڏيو.
جاري ڪيل ليٽر ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ماريا ساريو مٿان لڳل الزام انتهائي سنگين آهي، کيس معطل ڪري جاچ شروع ڪئي وئي آهي.
واضح رهي ته وومين ٿاڻي تي مقرر عائشا شيخ ماريا ساريو تي الزام هڻندي چيو آهي ته هن 27 نومبر تي مون کي پنهنجي آفيس گهرائي سڀني جي سامهون تشدد جو نشانو بڻايو ۽ موبائل فون کسي ورتو، مون سان انصاف ڪيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.