اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پاڪستان جي سڀ کان وڏي موسيقي مقابلي ”پاڪستان آئيڊل“ سيزن 2 کي ڏسندڙن طرفان تمام گهڻي موٽ ملي رهي آهي، پر شو مختلف تڪرارن جو به شڪار ٿي ويو آهي.
شو جي شروعات ۾ ججز پينل کي تنقيد جو نشانو بڻايو ويو ۽ هاڻي شو هڪ نئين تڪرار جي ور چڙهي ويو آهي، جنهن جو مرڪز ٽاپ 16 اميدوارن مان هڪ ابرار شاهد آهي.
ابرار شاهد سوشل ميڊيا تي اعلان ڪيو ته ”هن کي شو مان ٻاهر ناهي ڪڍيو ويو، پر هن پاڻ شو ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ڇاڪاڻ ته کيس منصفاڻا موقعا نه ڏنا ويا.“
هن چيو ته سندس آواز اهڙي نموني آٽو ٽيون ڪيو پئي ويو هو جو اِهو سندس حقيقي آواز سان هڪجهڙائي نه پيو رکي، جنهن تي هن خدشو ظاهر ڪيو.
ابرار شاهد موجب، کيس ڪيترائي فون ڪالون آيون ۽ چيو ويو ته پوسٽ ڊليٽ ڪيو ۽ خبردار ڪيو ويو ته جيڪڏهن هو شو سان لاڳاپيل معاملن تي ڳالهائيندو ته سندس خلاف ڪارروائي ٿي سگهي ٿي.
هن چيو ته ”ڪارروائين جي ڌمڪين باوجود، مون پنهنجو موقف عوام آڏو رکڻ جو فيصلو ڪيو ۽ چيو سچ ڳالهائيندس، ڇاڪاڻ ته شو انتظاميا پهرين ڏينهن کان منهنجي خلاف هئي، ججز ڪيترن سٺن اميدوارن کي ٻاهر ڪيو ۽ هاڻي مون کي ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ڇو ته مون سچ ڳالهايو.“
ٻئي پاسي، سوشل ميڊيا تي واهپيدار ابرار شاهد جي شو ڇڏڻ تي مختلف قسم جا تبصرا ڪري رهيا آهن.
هڪ واهپيدار چيو ته ”جيڪڏهن معاهدي تي صحيح ڪئي وئي آهي ته وچ ۾ شو ڇڏڻ تي توهان خلاف ڪارروائي ٿي سگهي ٿي.“
هڪ ٻئي واهپيدار لکيو ته ”ابرار شاهد جي بيان مان ثابت ٿئي ٿو ته شو ۾ ڪيترا سفارشي راڳي آيا آهن،“
جڏهن ته ڪيترن واهپيدارن کيس پنهنجا گيت يوٽيوب تي اپلوڊ ڪرڻ جو مشورو پڻ ڏنو آهي.
You might also like