حيدرآباد: اي ايس آءِ عائشا شيخ جو ايس ايس پي آفيس ۾ مقرر عورت ڪلارڪ تي سنگين الزام، انصاف جو مطالبو

حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) حيدرآباد ۾ وومين ٿاڻي تي مقرر اي ايس آءِ عائشا شيخ ايس ايس پي آفيس ۾ مقرر عورت ڪلارڪ تي سنگين الزام هڻندي ايس ايس پي حيدرآباد کي انصاف لاءِ درخواست ڏئي ڇڏي.
عائشا شيخ الزام هنيو ته هيومن رائٽس سيل جي انچارج ۽ ڪلارڪ ماريا ساريو مون کي 27 نومبر تي پنهنجي آفيس ۾ گهرايو: ۽ چيو ته ”منهنجي مڙس سان تنهنجو ڇا چڪر آهي“ ۽ موبائل فون کسي ورتو.
عائشا شيخ وڌيڪ چيو ته هن آفيس جي عملي جي سامهون ڪوڙا، بي بنياد ۽ توهين جوڳا الزام لڳايا، آفيس ۾ ٻن ليڊي ڪانسٽيبلز مون کي جهليو ۽ ماريا ساريو مون کي چماٽون هنيون ۽ جسماني تشدد جو نشانو بڻايو
هن مطالبو ڪندي چيو ته ماريا ساريو جي رويي مون کي جذباتي صدمو رسايو ۽ هڪ وردي پاتل آفيسر طور منهنجي وقار کي ٽوڙيو، هوءَ منهنجو موبائل فون غير قانوني طور تي ضبط ڪري مس يوز ڪري رهي آهي، سندس خلاف سخت قانوني ۽ محڪماڻي ڪارروائي شروع ڪئي وڃي.
هوڏانهن ايس ايس پي حيدرآباد عديل چانڊيو درخواست ملڻ جي تصديق ڪري ڇڏي ۽ معاملي جي جاچ لاءِ انڪوائري ڪميٽي جوڙي وئي آھي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.