شڪارپور(رپورٽ: زاھد سنجراڻي) شڪارپور جي منڇر شاھ قبرستان ۾ ڏوھارين خلاف پوليس آپريشن دوران زخمي ٿيل ڊي ايس پي سٽي پارس بکراڻي ۽ سندس مڙس ظهور سومرو جي حالت سڌرندڙ آهي، ان سلسلي ۾ آءِ جي سنڌ سکر پھچي زخمي پوليس آفيسرن جي عيادت ڪئي، اسٽورٽ گنج ٿاڻي جي حد منچر شاھ قبرستان ۾ ڏوھارين خلاف آپريشن ۾ زخمي ٿيل ٻن ڊي ايس پي پارس بکراڻي ۽ سندس مڙس ظھور سومرو جي حالت سڌرندڙ آھي، ڪراچي مان ڊاڪٽرن جي ٽيم ڊاڪٽر فضا جعفري جي نگراني ۾ زخمي ڊي ايس پي پارس بکراڻي جو طبي معائنو ڪيو ۽ مختلف ٽيسٽون ڪيون ويون، ڊاڪٽر فضا جعفري صحافين کي ٻڌايو ته ظھور سومرو ۽ پارس بکراڻي جي حالت خطري کان ٻاھر آھي، ٻنھي جي طبعيت سڌرندڙ آھي، پارس بکراڻي جي ڦڦڙن کي گولين سبب ٿورو نقصان ٿيو آھي جنھن ڪري ھو سور جي شڪايت ڪري ٿي ان جو علاج ڪيو ويو آهي، هن جي طبيعت پهريان کان بهتر آهي، آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ سکر ضياءُ الدين اسپتال پھچي زخمي ڊي ايس پي پارس بکراڻي ۽ ڊي ايس پي ظھور سومرو ۽ ٻين زخمي ٿيل اھلڪارن جي عيادت ڪئي، آءِ جي سنڌ زخمي آفيسرن ۽ اھلڪارن کي گل دستا پيش ڪيا، آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ جو چوڻ هو ته پارس بکراڻي اوهان ڪمال ڪري ڇڏيو آهي، اوهان کي سلام ڪرڻ لاءِ مان ڪراچي کان هتي پهتو آهيان، هن چيو ته اوھان تي فخر آھي اوھان بھادري سان ڏوھارين سان مقابلو ڪيو پوليس کاتي کي اوھان جھڙن آفيسرن تي ناز آھي، صحافين سان ڳالهيون ڪندي آءِ جي سنڌ چيو ته سکر، شڪارپور، گهوٽڪي ۽ ڪشمور ۾ ڪو به نوگو ايريا ناهي، سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال ڪافي بھتر آھي ڏوھارين سان مقابلي ۾ زخمي ٿيل آفيسرن ۽ اھلڪارن کي نيشنل ايوارڊ سان گڏ ڪارڪردگي سرٽيفڪٽ ڏياريا ويندا، پوليس جا جوان بھادري سان ڏوھارين خلاف وڙھي رھيا آھن اسان جا ھي آفسير پوليس کاتي جو ناز آهن، ٻئي پاسي شڪارپور پوليس ھيڊ ڪواٽر پھچي آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ناصر آفتاب ۽ ايس ايس پي شاھزيب چاچڙ سان ڪيمپ آفس ۾ گڏجاڻي ڪئي، گڏجاڻي ۾ ايس ايس پي شاھزيب چاچڙ پاران منچر شاھ قبرستان ۾ ڏوھارين خلاف آپريشن بابت معلومات ڏني وئي جنھن تي آئي جي سنڌ پاران ڪامياب آپريشن ڪرڻ تي ايس ايس پي شاھزيب چاچڙ ۽ سندس ٽيم کي شاباش ڏني وئي.
آپريشن دوران مارجي ويل ڇهن جوابدارن ۽ زخمي ڏوهارين مٿان دهشت گردي جو ڪيس داخل
شڪارپور: منچر شاھ پوليس آپريشن دوران مارجي ويل ڇهن جوابدارن ۽ زخمين مٿان سرڪار جي مدعيت ۾ دھشت گردي جي قلمن ھيٺ ٻن ڊي ايس پيز ۽ اھلڪارن کي مقابلي دوران زخمي ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو، اسٽورٽ گنج ٿاڻي تي مارجي ويل ڇهن جوابدارن سميت 16جوابدارن مٿان پوليس مقابلي، غيرقانوني هٿيار ۽ منشيات ھٿ اچڻ جو ڪيس داخل ڪري ورتو، پوليس فرياد ۾ ڄاڻايو آھي ته واپاري منير ڀيو کان 26 لک ڦر ڪيا ويا جنھن جي جوابدارن جو پتو ٽيڪنيڪل بنيادن تي لڳايو ويو جيڪو منچر شاھ قبرستان ۾ رھندڙ بدنام منشيات فروش شھزادو عرف شدو شيخ جي علاقي ۾ معلوم ٿيو ڊي ايس پي سٽي پارس بکراڻي ۽ ٻين پوليس آفيسرن جي سربراھي ۾ پوليس آپريشن ڪيو جنھن ۾ ڏوھارين طرفان مقابلي دوران ڊي ايس پي سٽي پارس بکراڻي ۽ ڊي ايس پي ظھور سومرو ۽ اھلڪار زخمي ٿي پيا، پوليس موجب مارجي ويل ڏوھاري شھمور شيخ کي مقابلي دوران ٽي گوليون لڳل آھن ھڪ فائر سڄي پاسي پٺي ۾ لڳل پيٽ مان نڪتل آھي ٻيو فائر کيس سڄي پاسي لڳل سيني مان نڪتل آھي ٽيون فائر پٺي ۾ لڳل پيٽ مان آر پار ٿيل آھي، ملليل ڄاڻ موجب چوٿين مبينه ڏوھاري صابر شيخ کي مٿي ۾ گولي آر پار ٿيل آھي جڏھن ته پنجين مبينه جوابدار کي پٺي ۾ فائر لڳل آھي .
شادي ۾ شرڪت لاءِ ترسيل نوجوان اويس به آپريشن ۾ مارجي ويو
شڪارپور: منچر شاھ آپريشن مارجي ويل ڇهه مبينه جوابدارن مان ٽن ڄڻن مٿان ڪو به ڪيس ڪنھن به ٿاڻي تي درج نه ٿيل آھي پوليس ذريعن موجب مارجي ويل مبينه ڏوھاري غلام محمد بکراڻي جوا کيڏڻ لاءِ منڇر شاھ ويل ھو ته مقابلي ۾ گولي لڳي جڏھن ته نوجوان اويس شيخ شادي ۾ شرڪت لاءِ ترسيل ھو ته آپريشن دوران مارجي ويو جڏھن ته تئين مبينه ڏوھاري صابر شيخ جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل آھي جتي ھو مارجي ويل ڏوھارين جا لاش ڏسڻ لاءِ ٻين ماڻھن سان گڏ بيٺل نظر اچي رھيو آھي جڏھن ته شھمور شيخ ۽ امداد شيخ ڪجهھ ڏينھن پھريان جيل مان آزاد ٿيا ھئا ٻڌايو پيو وڃي ته چار ڏينھن بعد مارجي ويل ڏوھاري شھمور شيخ جي پٽ جي شادي رکيل ھئي سندن گھرن ۾ شادي جون تياريون ھلندڙ ھيون پوليس پاران آپريشن ڪيو ويو جنھن ۾ شھمور شيخ پھنجي ڀائرن سميت مارجي ويو.
مون کي پنهنجي نياڻي تي فخر آهي: پارس بکراڻي جو والد
شڪارپور: استپال ۾ پنهنجي ڌيءَ جي سالگرهه تقريب دوران ڊي ايس پي پارس بکراڻي جي والد عبدالحد بکراڻي چيو ته جڏھن مھنجي نياڻي ڏوھارين ھٿان زخمي ٿي مونکي اطلاع مليو ته مون پھريان گھر وارن کي حوصلو ڏنو ته پوليس جو ڪم آھي، اوھان سڀ دعا ڪيو مان اسپتال پھتس ۽ گارڊن کان معلوم ڪيو، واقعي بابت جنھن کانپوءِ ڊاڪٽرن کان معلومات ورتي الله جي بارگاھ ۾ دعا ڪئي ھن چيو ته مھنجو حوصلو ھو ته مون پھنجي ڌيءَ جي پرورش ڪري پوليس ۾ موڪليو، مونکي پھنجي نياڻي تي فخر آھي ته ھو پھنجو فرض ايمانداري سان نڀائي رھي آھي.
زخمي ظهور ۽ پارس بکراڻي جي شادي سالگرهه تقريب
شڪارپور : ضياءُالدين اسپتال انتظاميا ۽ ميئر سکر اسلام الدين شيخ طرفان ڏوھارين جي فائرنگ ۾ زخمي ٿيل ڊي ايس پي پارس بکراڻي ۽ سندس مڙس ڊي ايس پي ظھور سومرو جي شادي جي ٻي سالگرهه واري تقريب اسپتال اندر رکي وئي جنھن ۾ اسپتال جي ڊاڪٽر ڪامل راڄپر، سکر جي ميئر اسلام الدين شيخ، پارس بکراڻي جي والد عبدالحد بکراڻي سميت ڊاڪٽرن ۽ خاندان جي ميمبرن شرڪت ڪئي ۽ ٻنھي جي شادي جي سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽيو، تقريب ۾ شامل ڊاڪٽرن اسٽاف خاندان جي ميمبرن کين مبارکون ڏنيون، ان موقعي تي ڊي ايس پي سٽي پارس بکراڻي سڀني جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته مون پھرين في ميل آفيسر طور شھر جي چارج ورتي، پنهنجي ڊيوٽي پوري ايمانداري سان پوري ڪئي آهي، منهنجو جڏھن ڏوھارين سان مقابلو ٿيو ته مان زخمي ٿيس، مون کي پوري پاڪستان مان دوستن ھمدردن مائٽن دعائون ڏنيون، الله جو شڪر جو مان ٺيڪ آھيان ۽ جلد ٺيڪ ٿي وري امن امان لاءِ پھنجو ڪردار ادا ڪنديس، ڊي ايس پي ظھور سومرو چيو ته مھنجي پھرين پوسٽنگ ھئي شڪارپور ۾، منهنجي خواهش ھئي ته ڪشمور جيڪب آباد شڪارپور ۾ چارج وٺان ڇو جو انھن علائقن جي صورتحال خراب ھئي شڪارپور ۾ پوسٽنگ بعد تمام گهڻا چئلينج هئا، هتي ڏوهاري رياست ٺاهيون ويٺا هئا، صحتياب ٿي پنهنجا فرض پورا ڪندس.
شڪارپور: مقابلي ۾ مارجي ويل صابر شيخ جي وارثن جو ڌرڻو
شڪارپور: منڇر شاھ آپريشن ۾ مبينا پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل صابر شيخ جي وارث عورتن بيگم شيخ ۽ ٻين پريس ڪلب پھچي احتجاج ڪندي دانھيندي چيو ته منڇر شاھ قبرستان ۾ رھندڙ شيخ برادري جي ماڻھن سان اسان جو ڪو به تعلق نه ھو، بيگم شيخ چيو ته پوليس جئين اتان جا ماڻھو ماريا سڀ ڪنھن ٻڌو منهنجو ڀاءُ به ٻڌي ڪري چورنگي تي لاش ڏسڻ ويو اتي پوليس کيس پڇا ڪئي ته تون ڪير آن ھن ذات شيخ ٻڌائي، جنهن تي کيس پوليس ويگو ۾کڻي وئي ۽ اڌ ڪلاڪ بعد انھن لاشن سان گڏ اچي مھنجي ڀاءُ جو لاش گڏائي رکيو، جڏھن ته مھنجو ڀاءُ پورھيت ھو پورھيو ڪري ٻچڙا پاليندو ھو واقعي واري ھنڌ تي ماڻھن جيڪي لاش ڏسڻ آيا اتي مھنجو ڀاءُ به وڊيو ۾ موجود آھي پوليس اسان سان ناحق ظلم ڪيو آھي پوليس ڀاءُ مارڻ کان پوءِ آن جو لاش به حوالي نٿي ڪري ڪير به اسان جي دانھن ٻڌڻ وارو ڪونھي، خدا جي واسطي اسان سان انصاف ڪيو مھنجو ڀاگ بي گناھ پوليس ماريو آھي صرف ذات شيخ ھجڻ سان ڏوھاري نه ٿيا سين جن کي پوليس ڏوھاري سمھجھي ٿي انھن سان اسان جو ڪو واسطو به ناھي نه ئي اسان انھن سان گڏ رھندا .
سکر، شڪارپور، گهوٽڪي ۽ ڪشمور ۾ ڪو به نوگو ايريا ناهي:آءِ جي سنڌ
سکر(رپورٽ: سيد نعيم شاھ) آءِ جي سنڌ پوليس غلام نبي ميمڻ چيو آهي ته سکر، شڪارپور، گھوٽڪي ۽ ڪشمور ۾ هاڻي ڪو به اهڙو نوگو ايريا باقي ناهي رهيو، جتي پوليس نه وڃي سگهي، گذريل تيرنهن مهينن دوران انهن چار ئي ضلعن ۾ پوليس مقابلي دوران 198 ڏوهاري ماريا ويا، جڏهن ته 520 کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو، سنگين ڪيسن ۾ گهربل 800 کان وڌيڪ جوابدارن کي به گرفتار ڪيو ويو، آءِ جي سنڌ سکر جي مقامي اسپتال ۾ شڪارپور ۾ پوليس مقابلي دوران زخمي ٿيل پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن جي عيادت ڪرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ اشتھاري ۽ روپوش جوابدارن خلاف مهم جاري آهي ۽ هن وقت تائين هڪ هزار کان وڌيڪ اهڙا جوابدار پڪڙڻ ۾ وڏي ڪاميابي ملي آهي، گذريل ٻن سالن کان پوليس جي اها ئي پاليسي رهي آهي ته نوگو ايرياز ۾ وڃي ڏوھارين کي چئلينج ڪيو وڃي، جيئن جيڪڏهن ڪو پيش ٿيڻ چاهي ٿو ته ان سان قانون موجب ورتاءُ ڪيو وڃي ۽ جيڪو مقابلو ڪرڻ چاهي، سو مقابلو ڪري ڏيکاري، هن پاليسي سبب ڪاميابيون به مليون آهن ۽ ڪيترن ڏوهارين پاڻ کي پوليس حوالي ڪيو آهي، جنهن سان امن امان جي صورتحال بهتر ٿي آهي ۽ اميد آهي ته وڌيڪ ڏوهاري جلد پاڻ کي قانون حوالي ڪندا، آءِ جي سنڌ جو چوڻ هو ته پوليس عوام جي تعاون کانسواءِ ڪامياب نٿي ٿي سگهي. اسان چاهيون ٿا ته پوليس ۽ عوام گڏجي ڪم ڪن جنهن سان وڌيڪ سڌارو ايندو، شڪارپور ۾ پوليس مقابلي دوران نو ڏوهاري ماريا ويا ۽ ٻه زخمي ٿيا، اسان جا ٻه ڊي ايس پي ۽ ٻه اهلڪار زخمي ٿيا جن جي حالت هاڻي بهتر آهي ۽ ڊاڪٽرن جي صلاح موجب انهن جو سکر ۾ علاج ٿي رهيو آهي، پوليس ۾ جيڪو سٺو ڪم ڪندو، ان کي انعام ضرور ملندو. اڳ به بهترين ڪارڪردگي تي افسرن کي انعام مليا آهن ۽ هاڻي به جيڪو چڱو ڪم ڪندو، ان کي ريواڊ ڏنو ويندو.