حيدرآباد /اوساڪا (پ ر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو کي اوساڪا ۾ رھندڙ سنڌين آجياڻو ڏنو، کيس اجرڪ اوڍايا ويا، تقريب کي خطاب ڪندي اياز لطيف پليجو چيو ته سنڌ خاطر خاموش نه ويهنداسين، ھن وقت اقتدار جي ڪرسي تي پيپلزپارٽي آھي ان خلاف بيٺل آھيون، سڀاڻي ڪا ٻي پارٽي اچي سنڌ جو اھڙو حشر ڪندي ته ان خلاف لڳا اينداسين، ھنن کان اڳ ۾ ضيا ۽ مشرف خلاف ھئاسين، اسان جو ڪم آھي سنڌ دشمنن خلاف جدوجھد ڪرڻ، پنج يا ڏھ ڄڻا بزدل ۽ ڀاڙي لشڪر جي اڳواڻي ڪري ويٺا آهن تنھن ڪري لشڪر ڀاڙي ٿوري آهي، ٽي وڏيرا، سردار، مرشد، جاگيردار حڪومت لاءِ اڳيان پويان پيا ڊوڙن. پاڻ ناشتي ۾ کائون بيضو، پٽاٽا ھي وري اسان جا دلبر پيپلا ناشتي ۾ کائين ڪروڙ، ٻنپهرن ۽ رات جو کائين ڪروڙ سنڌ جا اربين روپيا لٽي ۽ سنڌ جي ست ڪروڙ سنڌين کي تباھ ۽ برباد ڪري سنڌ کي ڀڙڀانگ ڪري ڇڏيو اٿن. اياز لطيف پليجي چيو ته پيپلزپارٽي جي سنڌ حڪومت پبلڪ سروس ڪميشن ذريعي نوڪريون وڪرو ڪري ڇڏيون. روڊ، شھر، ذخيرا، پاڻي زمينون، وسيلا، جبل، ڪارونجهر، ڪينجهر، تاريخي ماڳ سنڌ جي ھر شئي ڀڳڙن مٺ تي وڪڻي ڇڏيون آهن. ھي سنڌ کي پنھنجي ذاتي ملڪيت ۽ جاگير سمجھن ٿا، پيپلزپارٽي جا حڪمران چون ٿا پيپلزپارٽي شھيدن جي پارٽي آهي تنھن ڪري اسان جي مرضي آهي ۽ سنڌ جا وارث به اسان آھيون. سنڌ جي تقديرن جا فيصلا اسان ڪنداسين. اسان کي شھيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد بينظير ڀٽو لاءِ لک دفعا احترام آهي پر ھر شھيد اھم ۽ مقدس آھي. اياز لطيف پليجو کان وٺي ھر ليڊر ۽ شھيد کان به وڌيڪ سنڌ جي ڌرتي ۽ سنڌ جو وطن اھم ۽ مقدس آهي.