روايتي جنگبندي لاڳو ناهي، اسان کي افغان قيادت کان لکت ۾ ضمانتون گهرجن: پرڏيهي ترجمان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي کاتي جي ترجمان طاهر اندرابي چيو آهي ته پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ روايتي جنگبندي ناهي، اسان کي افغان قيادت کان لکت ضمانتون گهرجن.
هفتيوار بريفنگ ۾ پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو ته ڀارت جي بچاءَ واري وزير ۽ پرڏيهي وزارت جا نفرت تي ٻڌل بيان مذمت جوڳا آهن ۽ اهي بيان خطي جي امن لاءِ خطرو آهن، پاڪستان ۾ دهشتگردي ۾ ڀارت ملوث آهي.
هن چيو ته پاڪستان ۽ برطانيا ۾ قيدين جي تبديلي جو باقاعدي معاهدو ناهي، معاهدو نه ٿيڻ سبب ڪيس ٽو ڪيس بيسز تي معاملن کي ڏٺو ويندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.