ايمان مزاري کي سپريم ڪورٽ مان رليف ملي ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ تڪراري ٽوئيٽ ڪيس ۾ ايمان مزاري خلاف ٽرائل روڪڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
تڪراري ٽوئيٽ ڪيس ۾ ايمان مزاري جي ٽرائل روڪڻ جي درخواست تي جسٽس هاشم ڪاڪڙ جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ ٻڌڻي ڪئي، بينچ ۾ جسٽس صلاح الدين پنهور ۽ جسٽس اشتياق ابراهيم به شامل هئا.
سپريم ڪورٽ قرار ڏنو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي تائين ٽرائل روڪيو وڃي، عدالت فيصلو ٻنهي ڌرين جي گڏيل رضامندي سان جاري ڪيو.
ٻڌڻي دوران هاشم ڪاڪڙ ريمارڪس ڏنا ته بنا شفاف ٽرائل جي ڪنهن کي سزا نٿا ڏئي سگهون، نه ڏيڻ گهرجي، جج کي به دٻاءَ کان آزاد ٿي ٻنهي ڌرين کي مڪمل موقعو ڏيڻ گهرجي، نه جج جي بي توقيري ٿيڻ گهرجي نه ئي هاءِ ڪورٽ جي.
واضح رهي ته ايمان مزاري خلاف ٽرائل ڪورٽ ۾ تڪراري ٽوئيٽ ڪيس ٻڌڻي هيٺ آهي.
ايمان مزاري جج تي عدم اطمينان جو اظهار ڪندي پنهنجو ڪيس ٻي عدالت ۾ منتقل ڪرڻ جي اپيل اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ڪئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.