گجرات (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست گجرات ۾ 20 ورهين جي نوجوان عورت جي معاملي تي ٿيل جهيڙي دوران پنهنجي دوست کي قتل ڪري ڳڀا ڳڀا ڪري ڇڏيو.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، رميش مهيشوري نالي همراهه مورو ڳوٺ مان گذريل 6 ڏينهن کان گم هو. رميش جي گمشدگي جو اطلاع ملڻ تي پوليس ڪارروائي ڪندي شڪ جي بنياد تي سندس دوست ڪشور کي گرفتار ڪري ورتو
پوليس جي پاڇا ڳاڇا دوران ڪشور اعتراف ڪيو ته ٻنهي طرفان هڪ ئي عورت دوست کي ميسج ڪرڻ تان ٿيل جهيڙي کانپوءِ هن رميش کي قتل ڪيو.
جاچ دوران ڪشور پوليس کي ٻڌايو ته ” مان هڪ عورت کي انسٽاگرام تي ميسج ڪري زبردستي دوستي لاءِ مجبور ڪري رهيو هئس، جڏهن ته عورت جا رميش سان رومانوي لاڳاپا هئا.
پوليس موجب، جڏهن عورت ڪشور جي پيغامن بابت رميس کي ٻڌايو ته ٻنهي دوستن ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن کانپوءِ ڪشور رميش جي قتل جو منصوبو ٺاهيو.
جوابدار رميش کي ڳوٺ کان ٻاهر وٺي وڃي قتل ڪيو، قتل کانپوءِ رميش جي مُنڍي، ٻانهون ۽ ڄنگهون، چاقوءَ سان ڪپي کوهه ڦٽي ڪيون، جڏهن ته ٻيا عضوا زمين ۾ پوري ڇڏيا.
ميڊيا رپورٽن موجب، جوابدار جي اعتراف کانپوءِ پوليس لاش جا دفنايل عضوا هٿ ڪري ورتا آهن.
You might also like