اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته جادُوءَ سان نه پر محنت سان ملڪ ترقي ڪندو، دهشتگردي ۽ معاشي ترقي جون ڪوششون گڏ نٿيون هلي سگهن.
وزيراعظم شهباز شريف اسلام آباد ۾ علماءَ ڪنوينشن کي خطاب ڪيو، ڪنوينشن ۾ چيف آف ڊيفنس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير به شرڪت ڪئي.
وزيراعظم پنهنجي خطاب ۾ چيو ته ملڪ ۾ هڪجهڙائيءَ وارو ماحول قائم ٿيڻ تائين ملڪ ترقي نه ٿو ڪري سگهي، پاڪستان جي معيشت اڄ تيزي سان ترقيءَ جي رستي تي گامزن آهي، فوجن جي قربانين تي ٺٺول ڪنداسين ته ڪهڙو پاڪستاني جي عزت ڪندو.
وزيراعظم شهباز شريف چيو ته جڏهن پاڪستاني فوجن جي خلاف زهريلي پروپيگينڊا ڪئي ويندي ته فوج جو دفاع ڪرڻ حڪومت ۽ عالمن سميت سڀني جي ذميواري آهي.
هن چيو ته ” معرڪاءِ حق “۾ عظيم فتح حاصل ٿي، قوم جي دعائون قبول ٿيون، هر سپاهي جي ڪوششون معرڪاءِ حق بي مثال ڪاوشون شامل هيون.
هن چيو ته فيلڊ مارشل عاصم منير ڀارت خلاف جنگ کي بهادريءَ سان ليڊ ڪيو، هٿياربند فوجن جي سورهيائي ۽ بهادري سان دشمن کي عبرتناڪ شڪست ملي ۽ ملڪ کي ڏيوالي کان بچائڻ لاءِ سياسي ۽ عسڪري قيادت پنهنجو ڪردار ادا ڪيو.
وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ فرقه پرستي جو خاتمو ضروري آهي، اڃا به ڪجھه مختلف مذهبي فرقن سان واسطو رکندڙ ماڻهو چون ٿا ته ”هن مسجد ۾ فلاڻي جي پٺيان نماز نه پڙهنداسين.“
شهباز شريف وڌيڪ چيو ته خارجين جي حملن ۾ معصوم پاڪستاني شهيد ٿي رهيا آهن، شهيدن پنهنجون جانيون قربان ڪري ڪيترن ئي ٻارن کي يتيم ٿيڻ کان بچايو آهي.
Next Post
You might also like