تيل ۽ گئس جا نوان ذخيرا هٿ

پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخوا ۾ تيل ۽ گئس جا نوان ذخيرا هٿ آيا آهن.
آئل اينڊ گئس ڊيولپمينٽ ڪمپني لميٽڊ (او جي ڊي سي ايل) جي ترجمان موجب، نشپا بلاڪ ڪوهاٽ مان تيل جا ذخيرا هٿ آيا آهن.
ترجمان چيو ته براگزئي ايڪس ون کوهه مان روزانو 2280 بيرل تيل حاصل ٿيندو ۽ روزانو 56 لک ڪيوبڪ فُٽ گئس جي پيداوار به ٿيندي.
ترجمان موجب، نشپا بلاڪ ۾ ڪنگريالي فارميشن مان اها پهرين هائيڊرو ڪاربن دريافت آهي ۽ براگزئي ايڪس ون کوهه جي ڊرلنگ 5170 ميٽر اونهائي تائين مڪمل ڪئي وئي آهي.
ترجمان جو چوڻ هو ته نشپا بلاڪ ۾ او جي ڊي سي ايل آپريٽر طور 65 سيڪڙو، پي پي ايل 30 سيڪڙو ۽ جي ايڇ پي ايل 5 سيڪڙو ڀائيوار آهي.
نئين دريافت سان او جي ڊي سي ايل جي ذخيرن ۾ وڌيڪ واڌارو ٿيندو، جنهن سان ملڪي توانائي جون گهرجون پوريون ڪرڻ ۾ مدد ملندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.