ثقافتي ڏهاڙي تي ڪراچي ۾ رياست اندر رياست قائم ڪئي وئي، ملڪ دشمني جو اظهار ڪيو ويو: فاروق ستار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) متحده قومي موومينٽ (ايم ڪيو ايم) پاڪستان جي اڳواڻ فاروق ستار چيو آهي ته سنڌي ڪلچر ڊي جي نالي تي ڪراچي جي شاهراهن ۽ مختلف هنڌن تي رياست اندر رياست قائم ڪئي وئي.
سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر علي خورشيدي ۽ ٻين پارٽي اڳواڻن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي فاروق ستار چيو ته سرڪاري ۽ نجي ملڪيتن کي نقصان پهچايو ويو، ملڪ دشمني جو اظهار ڪيو ويو، هٿيارن جي نمائش ڪئي وئي.
هن چيو ته 7 ڊسمبر تي ڪلچر ڊي جي نالي تي رياستي قانون کي پامال ڪيو ويو، اهو ثابت ڪيو ويو ڄڻ 7 ڊسمبر تي سنڌو ديش قائم ڪيو ويو، ڪيترن ئي ماڻهن کي زخمي ڪيو ويو، اتي پوليس مقابلو ٿيو، اهو خوفناڪ ۽ خطرناڪ عمل هو.
سندس چوڻ هو ته مين اسٽريم ميڊيا تي سڀ ڪجهه رڪارڊ ٿيل آهي، جيڪو ڪيس ٺاهيو ويو ان ۾ دهشتگردي، قتل جي قدمن سميت ٻيا قلم شامل آهن، ان وقت ڪو به ماڻهو اُتان گذري ئي نه سگهيو، ڇا وڏو جاني نقصان ٿيڻ بعد ئي ان کي دهشتگردي چيو ويندو؟ جنهن نموني نقصان پهچايو ويو، ڇا اها دهشتگردي نه هئي؟
فاروق ستار چيو ته پوليس جڏهن روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ته پوليس تي به حملو ڪيو ويو، گرفتار ٿيل اڪثريت کي ڇڏيو ويو، جڏهن گرفتار ٿيلن کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو ته عدالت پاڻ انهن جو ڪيس وڙهندي رهي، انهن کي وڪيل جي ضرورت ئي نه پئي.
هن چيو ته اسان جي ريلي ۾ شامل پُرامن سنڌي ڀائرن سان ڪا شڪايت ناهي پر ڪراچي جو امن تباھه ڪري ڏڦيڙ جي سازش ڪئي وئي، هڪ ڀيرو ٻيهر ڀاءُ کي ڀاءُ سان وڙهائڻ جي سازش ٿي رهي آهي، اسان انتظار ۾ هئاسين ته سنڌ حڪومت جو ردعمل ڇا ايندو.
فاروق ستار الزام هنيو ته شهر ۾ هڪ مخصوص ٻولي ڳالهائيندڙ وڪيلن جو ٽولو زمينن تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، ذيلي عدالت جي رويي تي اعليٰ عدالت کي نوٽيس وٺڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.