لاهور (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي کي اسپتال مان ڊسچارج ڪيو ويو.
وڪيل راڻا مدثر موجب شاهه محمود قريشي کي اسپتال مان ڊسچارج ڪري ٻيهر ڪوٽ لکپت جيل منتقل ڪيو ويو آهي.
هن ٻڌايو ته شاهه محمود قريشي پتي جي سرجري لاءِ اسپتال ۾ علاج هيٺ هو ۽ هاڻ طبعيت ۾ بهتري کانپوءِ کيس ڊسچارج ڪيو ويو آهي.
شاهه محمود قريشي جون ٽيسٽون ڪيون ويون، جن جو رپورٽون 15 ڏينهن ۾ اينديون.
واضح رهي ته شاهه محمود قريشي 9 مئي جي ڪيسن ۾ ڪوٽ لکپت جيل ۾ قيد آهي.
You might also like