ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي ڀارتي ٽيم جي هيڊ ڪوچ گوتم گمڀير کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو آهي ته هو (گمڀير ) سمجهي پيو هو ته جيڪو چوندو اهو صحيح آهي، پر ڪجهه وقت کانپوءِ ثابت ٿيو ته ڪو به هر وقت صحيح ناهي هوندو.
واضح رهي ته ڏکڻ آفريڪا تازو ٻن ٽيسٽ ميچن جي هوم سيريز ۾ ڀارتي ٽيم کي 0-2 تان شرمناڪ شڪست ڏني هئي، جنهن کانپوءِ ڀارت ۾ گوتم گمڀير سخت تنقيد جو نشانو بڻايو ويو.
سيريز ۾ شڪست کانپوءِ پريس ڪانفرنس دوران ڀارتي ٽيم جي هيڊ ڪوچ واضح ڪيو هوته ” جيڪڏهن بي سي سي آءِ کي لڳي ٿو ته مان صحيح آپشن نه آهيان ته هو فيصلو ڪري سگهن ٿا، ڪرڪيٽ اهم آهي، مان نه.“
ان کانپوءِ ڏکڻ آفريڪا خلاف ٽن ون ڊي ميچن جي سيريز ۾ روهت شرما ۽ ويرات ڪوهلي جي راند تي به بحث ٿيو.
هاڻي شاهد آفريدي ٻنهي بيٽرن بابت چيو آهي ته ويرات ۽ روهت ڀارتي بيٽنگ لائين ۾ ڪرنگهي جي هڏي واري حيثيت رکن ٿا ۽ جنهن نموني ٻنهي ڏکڻ آفريڪا خلاف ون ڊي سيريز ۾ کيڏي ڏيکاريو آهي، ان کي ڏسي پڪ سان چئي سگهجي ٿو ته هو 2027 واري عالمي ڪپ تائين کيڏي سگهن ٿا.
هن چيو ته ڀارتي بورڊ کي ٻنهي اسٽار بيٽرن جو ورڪ لوڊ مناسب طريقي سان ترتيب ڏيڻ گهرجي، بي سي سي آءِ کي ٻنهي رانديگرن کي بچائي رکڻو آهي، جڏهن ڀارتي ٽيم ڪمزور ٽيمن سان کيڏي، تڏهن نون رانديگرن کي آزمائڻ ۽ ويرات ۽ روهت کي آرام ڏيڻ گهرجي
انٽرويوءَ دوران شاهد آفريدي ڀارتي بيٽر روهت شرما طرفان ون ڊي ۾ سڀ کان وڌيڪ ڇڪن وارو رڪارڊ ٽوڙڻ تي چيو ته رڪارڊ ٽٽڻ لاءِ ئي هوندا آهن، جيڪو نئون رڪارڊ ٺهيو آهي، اهو ميچورٽي ۽ ڪلاس جي ثابتي آهي.
هن چيو ته هو خوش آهي ته اهو رڪارڊ هڪ اهڙي رانديگر ٽوڙيو، جنهن کي هو شروع کان تمام گهڻو پسند ڪندو رهيو آهي.
شاهد آفريدي جو چوڻ هو ته مون 2008ع ۾ آءِ پي ايل جي پهرئين سيزن دوران دکن چارچر جي نمائندگي ڪئي، جنهن ۾ روهت شرما به شامل هو.
اڳوڻي ڪپتان چيو ته پريڪٽس سيشنز دوران هو روهت شرما جي کيڏڻ جو انداز ڏسي چڪو هو، ان وقت به سندس ٽيڪنڪ ۽ ڪلاس متاثر ڪيو.
هن دعويٰ ڪئي ته کيس شروع وارن ڏينهن کان ئي پڪ هئي ته هڪ ڏينهن هو ڀارت لاءِ کيڏندو ۽ پاڻ کي هڪ ڪلاس پليئر طور مڃرائيندو.
شاهد آفريدي وڌيڪ چيو ته هو ان ڳالهه تي خوش آهي ته جنهن رڪارڊ لاءِ هن کي اڄ تائين ساراهيو پيو ويو، اهو هاڻي هڪ بهتر ۽ حقدار بيٽر ٽوڙيو آهي، جيڪو پنهنجي ڪارڪردگي سان پاڻ کي وڏو پليئر ثابت ڪري چڪو آهي.