بنگلاديش پريميئر ليگ، 9 پاڪستاني ڪرڪيٽرن کي اين او سي جاري

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) بنگلاديش پريميئر ليگ (بي پي ايل) لاءِ 9 قومي ڪرڪيٽرن کي اين او سي جاري ڪري ڇڏيا.
پي سي بي طرفان جاري ڪيل فهرست موجب، بي پي ايل لاءِ پاڪستاني ڪرڪيٽرز کي 23 جنوري 2026ع تائين اين او سي جاري ڪيا ويا آهن.
اين او سي ماڻيندڙ رانديگرن ۾ محمد نواز، فهيم اشرف ۽ صاحبزاداه فرحان شامل آهن.
ان کانسواءِ حسين طلعت، احسان الله، حيدر علي، ابرار احمد، خواجا نافع ۽ سلمان ارشاد کي به اين او سي جاري ڪيو ويو آهي.
واضح رهي ته بنگلاديش پريميئر ليگ 26 ڊسمبر کان 24 جنوري تائين کيڏي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.