ٽويوٽا جي شوقينن لاءِ خوشخبري، گاڏين جي اگهن ۾ لکين رپيا لاٿ

ٽويوٽا انڊس موٽرز پاڪستان ۾ پنهنجي 35هين سالگرهه جي موقعي تي مقبول آف روڊ ايس يو وي، ٽويوٽا فارچيونر جي اگهن ۾ غير معمولي لاٿ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
اها ملڪ ۾ ڪنهن به وڏي ڪار ڪمپني طرفان ويجهي عرصي ۾ ڪئي ويندڙ سڀ کان وڏي لاٿ آهي.
فارچيونر جي (Fortuner G) جي قيمت ۾ 25 لک رپين جي لاٿ کانپوءِ نئين قيمت هڪ ڪروڙ 24 لک 35 هزار رپيا ٿي وئي آهي.
فارچيونر جي (Fortuner V) جي قيمت ۾ 25 لک 70 هزار رپين جي لاٿ کانپوءِ نئين قيمت هڪ ڪروڙ 49 لک 34 هزار رپيا مقرر ڪئي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.