(ويب ڊيسڪ) پرو ليگ هاڪي ٽورنامينٽ ۾ پاڪستاني ٽيم کي پنهنجي پهرين گروپ ميچ ۾ نيڌرلينڊز هٿان 2-5 تان شڪست جو منهن ڏسڻو پيو.
ميچ ۾ پاڪستان طرفان پهريون گول حنان شاهد ڪيو ۽ ٻيو گول صفيان خان اسڪور ڪيو، پر آخري 15 منٽن دوران نيڌرلينڊز مڪمل ڪنٽرول برقرار رکيو ۽ پاڪستان کي واپسي جو ڪو موقعو نه مليو.
بهترين رانديگر جو ايوارڊ حاصل ڪندڙ نيڌرلينڊز جي تجمين راينگا چيو ته ميچ ۾ داخل ٿيڻ ۾ وقت لڳو، پر وقت سان گڏ اسان جي ڪارڪردگي بهتر ٿي وئي.
هن چيو ته خبر نه هئي ته پاڪستان اسان جي خلاف ڪيئن کيڏندو، پر اسان سٺي نموني حالتن کي پروڙي ٽي قيمتي پوائنٽون حاصل ڪيون.
ٽورنامينٽ جي ٻي ميچ ۾ پاڪستان 12 ڊسمبر تي ارجنٽينا سان مهاڏو اٽڪائيندو.
You might also like