ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي گلشن اقبال ۾ فليٽ مان مئل حالت ۾ هٿ آيل ٽن عورتن جي قاتلن جي خبر پئجي وئي.
پوليس موجب گرفتار ڪيل گهر جي سربراهه ۽ سندس پٽ ٽنهي عورتن کي قتل ڪرڻ جو اعتراف ڪري ورتو آهي.
پوليس اختيارين چيو ته جوابدارن قتل جو سبب معاشي تنگي ٻڌايو آهي پر واقعي جي هر رُخ کان جاچ ڪئي پئي وڃي.
واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ گلشن اقبال جي فليٽ مان 3 عورتن جا لاش هٿ آيا هئا، جڏهن ته هڪ شخص بيهوشي جي حالت ۾ هٿ آيو هو.
مارجي ويل عورتن ۾ ماءُ، ڌيءُ ۽ نُنهن شامل هيون.
پوليس شڪ جي بنياد تي گهر جي سربراهه محمد اقبال ۽ اسپتال ۾ علاج هيٺ سندس پٽ ياسين کي گرفتار ڪيو هو.
You might also like