حڪومت جو عمران خان کي اڊيالا جيل مان منتقل ڪرڻ تي غور

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت پي ٽي آءِ باني ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان کي اڊيالا جيل مان منتقل ڪرڻ بابت غور شروع ڪري ڇڏيو.
ذريعن موجب، وفاقي حڪومت جو چوڻ آهي ته معاملا ان حد تائين پهچي چڪا آهن جتان واپسي ممڪن ناهي، پي ٽي آءِ ملڪ کي ڪمزور ڪرڻ واري ايجنڊا تي عمل ڪري رهي آهي، احتجاج جي نالي تي وڳوڙن ۽ فسادن جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.
ان حوالي سان وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر اختيار ولي چيو ته اِهو چاهيون ٿا ته قيدي کي اڊيالا مان منتقل ڪيو وڃي ۽ حڪومت به ان تي سنجيدگي سان غور ڪري رهي.
اختيار ولي الزام لڳائيندي چيو ته ڪي پي جي وڏي وزير سهيل آفريدي جي منشيات سمگلرن سان ڳٺ جوڙ آهي، وڏي وزير جي ڪارڪردگي زيرو نه پر مائنس آهي.
وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر جو چوڻ هو ته ڪي پي جي وڏي وزير جا مائٽ منشيات جي ڪاروبار ۾ ملوث آهن ۽ هو سندن سرپرستي ڪري رهيو آهي.
واضح رهي ته گذريل ڏينهن عمران خان سان ملاقات نه ٿيڻ تي سندس ڀينرن اڊيالا جيل ٻاهران ڌرڻو هنيو هو، پوليس احتجاج ڪندڙن کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ واٽر ڪينن استعمال ڪيو، جڏهن ته پي ٽي آءِ ڪارڪنن پوليس تي پٿراءُ ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.