روهت وڏو رانديگر آهي، خوشي ٿي ته منهنجي پسنديدا بيٽر منهنجو رڪارڊ ٽوڙيو: شاهد آفريدي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شاِد آفريدي ڀارتي بيٽر روهت شرما طرفان ون ڊي ۾ سڀ کان وڌيڪ ڇڪن وارو رڪارڊ ٽوڙڻ تي چيو آهي ته رڪارڊ ٽٽڻ لاءِ ئي هوندا آهن، جيڪو نئون رڪارڊ ٺهيو آهي اهو ميچورٽي ۽ ڪلاس جي ثابتي آهي.
پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته هو خوش آهي ته اهو رڪارڊ هڪ اهڙي رانديگر ٽوڙيو، جنهن کي هو شروع کان تمام گهڻو پسند ڪري ٿو.
شاهد آفريدي جو چوڻ هو ته مون 2008ع ۾ آءِ پي ايل جي پهرئين سيزن دوران دکن چارچر جي نمائندگي ڪئي، جنهن ۾ روهت شرما به شامل هو.
اڳوڻي ڪپتان جو چوڻ هو ته پريڪٽس سيشنز دوران هو روهت شرما جي کيڏڻ جو انداز ڏسي چڪو هو، ان وقت به سندس ٽيڪنڪ ۽ ڪلاس متاثر ڪيو.
هن دعويٰ ڪئي ته کيس شروع وارن ڏينهن کان ئي پڪ هئي ته هڪ ڏينهن هو لاءِ کيڏندو ۽ پاڻ کي هڪ ڪلاس پليئر طور مڃرائيندو.
شاهِد آفريدي موجب، هو ان ڳالهه تي خوش آهي ته جنهن رڪارڊ لاءِ هن کي اڄ تائين ساراهيو پئي ويو، اهو هاڻي هڪ بهتر ۽ حقدار بيٽر ٽوڙيو آهي، جيڪو پنهنجي ڪارڪردگي سان پاڻ کي وڏو پليئر ثابت ڪري چڪو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.