سنڌ ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن جا ڊراما ڪيا پيا وڃن\رياض چانڊيو

سيوھڻ (ن ع آ) جيئي سنڌ محاذ جو چيئرمين رياض چانڊيو 22 ڊسمبر تي اعلانيل سنڌ بچايو مارچ جي عوامي رابطي جي مهم دوران سيوهڻ پهتو، جتي هن مختلف ڳوٺن ۽ علائقن ۾ ماڻهن سان ملاقات ڪئي ۽ مارچ ۾ حصو وٺڻ جي اپيل ڪئي. نيشنل پريس ڪلب سيوهڻ ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن الزام لڳايو ته حڪمرانن سنڌ کي تباهي ڏانهن ڌڪي ڇڏيو آهي ۽ 78 سالن ۾ تعليم، صحت، روزگار ۽ انصاف فراهم ڪرڻ ۾ ناڪام رهيا آهن. هن چيو ته سنڌ ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن رڳو هڪ ڊرامو آهي ۽ رشوت سرڪاري نظام جو حصو بڻجي چڪي آهي. رياض چانڊيو موجب، قدرتي وسيلن جي باوجود، سنڌ بک، پاڻي جي کوٽ، بجلي جي کوٽ ۽ امن امان جي تباهي جو شڪار آهي، جڏهن ته پيپلز پارٽي جي حڪومت جي ڪري صوبو غير محفوظ ٿي چڪو آهي. هن اعلان ڪيو ته 22 ڊسمبر تي سنڌ بچايو مارچ ناانصافي خلاف آواز هوندو. پريس ڪانفرنس ۾ ٻيا پارٽي اڳواڻ پڻ موجود هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.