حيدرآباد (رپورٽر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه اياز لطيف پليجو الزام لڳايو آهي ته لاڙڪاڻو ۽ سکر ڊويزن جا ضلعا ڌاڙيلن ۽ڏوهاري ٽولن جي حوالي ڪيا ويا آهن. ڪشمور، ڪنڌڪوٽ، شڪارپور ۽ گهوٽڪي سميت اتر سنڌ جا لکين ماڻهو بدامني ۽ اغوا جي واقعن جو شڪار آهن. پليجو جو چوڻ آهي ته ڏوهاري عنصرن ۽ منشيات فروشن کي بااثر سرڪاري شخصيتن جي سرپرستي حاصل آهي، جڏهن ته پوليس آزاداڻو ڪم ڪرڻ بدران سياسي ۽ ذاتي مفادن لاءِ استعمال ٿي رهي آهي، جنهن جي ڪري امن امان جي صورتحال خراب ٿي وئي آهي. هن چيو ته سنڌ کي منشيات جي مرڪز ۾ تبديل ڪيو ويو آهي.