ڪراچي(رپورٽر ) سنڌ حڪومت جي انساني حقن جي ڊائريڪٽوريٽ جي طرفان روزاني عوامي آواز کي سنڌ ۽ ملڪ ۾ انساني حقن جي ٿيندڙ پائمالي ۽ انساني حقن جي مسئلن کي بهتر نموني رپورٽ ڪرڻ ۽ ايڊيٽوريل صفحي تي انساني حقن متعلق مضمونن کي خاص اهميت ڏيڻ تي سنڌ حڪومت جي انساني حقن جي ڊائريڪٽر آغا فخر حسين طرفان روزاني عوامي آواز جي رپورٽر ذوالفقار راڄپر کي پنهنجي آفيس ۾ مڃتا ايوارڊ ڏنو ويو، ان موقعي تي آغا فخر حسين چيو ته سنڌ حڪومت ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ عورتن ۽ انساني حقن جا قانون پاس ڪيا آهن ۽ اسان جي اداري ۾ جيڪي به صوبي جي ڪنهن به شهر ۽ ڳوٺ مان انساني حقن جي ڀڃڪڙين، عورتن تي تشدد ۽ هراسمينٽ جون شڪايتون اينديون آهن، انهن جي فوري تدارڪ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي، هن چيو ته انساني حقن ۽ عورتن جي مسئلي تي روزاني عوامي آواز جو ڪردار بهترين آهي ۽ اها سنڌي اخبار انساني حقن جي مسئلن کي اوليت ڏيندي رهي ٿي.