مهانگائي وڌڻ جو خدشو، آءِ ايم ايف خبردار ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عالمي مالياتي اداري (آءِ ايم ايف) پاڪستان ۾ مهانگائيءَ ۾ وڌڻ جو خدشو ظاهر ڪيو آهي.
آءِ ايم ايف گذريل ٻن سالن جي معاشي ڪارڪردگي سميت هلندڙ مالي سال جون معاشي پروجيڪشنز پڻ جاري ڪري ڇڏيون.
آءِ ايم ايف موجب، پاڪستان ۾ مهانگائيءَ جي شرح 4.5 سيڪڙو مان 6.3 سيڪڙو تائين پهچي سگهي ٿي، جيڪا جون 2026ع ۾ 8.9 سيڪڙو تائين پهچي سگهي ٿي، جڏهن ته مهانگائيءَ جي شرح جون 2025ع ۾ 3.2 سيڪڙو هئي.
آءِ ايم ايف رپورٽ موجب، هلندڙ مالي سال دوران معيشت جي ترقيءَ جي شرح 3.2 سيڪڙو پهچڻ جو امڪان آهي.
پاڪستان ۾ بيروزگاريءَ جي شرح 9 سيڪڙو مان گهٽجي 7.5 سيڪڙو تائين اچي چڪي آهي.
مالي سال 2026ع دوران معيشت ۾ ٽيڪسز جو حصو 16.3 سيڪڙو تائين پهچڻ جي اميد آهي.
عالمي مالياتي اداري موجب، مالي سال 2025ع دوران معيشت ۾ ٽيڪسز جو حصو 15.9 سيڪڙو هو، جڏهن ته مالي سال 2026ع دوران مالي خسارو 4 سيڪڙو تائين پهچڻ جو امڪان آهي، جيڪو مالي سال 2025ع ۾ 5.4 سيڪڙو هو.
ان کانسواءِ 2026ع ۾ معيشت تي قرضن جو ٻوجهه 69.6 سيڪڙو تائين ٿي سگهي ٿو، جڏهن ته مالي سال 2025 دوران قرضن جو بار 70.6 سيڪڙو هو.
آءِ ايم ايف موجب، 2026ع ۾ پرڏيهي قرض معيشت جو 22.5 سيڪڙو تائين ٿي سگهي ٿو، جڏهن ته 2025ع ۾ به پرڏيهي قرض معيشت جو 22.5 سيڪڙو هئا.
آءِ ايم ايف جو چوڻ آهي ته 2026ع ۾ سيڙپڪاري معيشت جو 0.5 سيڪڙو ٿي سگهي ٿي، جيڪا 2025ع ۾ 0.6 سيڪڙو هئي.
ان کان علاوه مالي سال 2026ع دوران مٽاسٽا ناڻي جا ذخيرا 17.8 ارب ڊالر ٿي سگهن ٿا، جيڪي 2025ع دوران 14.5 ارب ڊالر هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.