لاهور(بيورو رپورٽ )پاڪستان پيپلز پارٽي (پي پي پي) جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته هڪ پارليامينٽ ۾ وڌيڪ آئين ۾ ترميم ڪرڻ جي گنجائش نه آهي، ۽ منهنجو پنجاب ۾ اچڻ ڪنهن کي هضم ناهي ٿيندو. لاهور ۾ سينئر صحافين سان ڳالھائيندي، بلاول ڀٽو زرداري چيو ته وڌيڪ صوبا ٺاهڻ کان پهريان، پنجاب اسيمبلي ۾ منظور ٿيل ٺهراءٌ تي عمل ڪيو وڃي ۽ ڏکڻ پنجاب کي صوبي جو درجو ڏنو وڃي. هن چيو ته ڪنهن کي پنجاب ۾ منهنجو اچڻ هضم ناهي ٿيندو، پر مان انهن کي چوان ٿو ته سنڌ اچو، مان انهن کي سنڌ ۾ پنهنجو گورنر لڳائڻ لاءِ به چوان ٿو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته مفاهمت سياست ۾ اڳتي وڌڻ جو بهترين طريقو آهي، ۽ جيڪڏهن اهڙي ٽڪراءُ واري ماحول ۾ رهنداسين ته معاملا خراب رهندا. هن چيو ته عمران خان سان منهنجو ذاتي اختلاف ناهي، پر انهن جو طريقيڪار غلط آهي.نواز شريف سان ڪوٽ لکپت ۾ ملاقات ڪرڻ بابت صحافي جي سوال تي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته مان نواز شريف سان ملڻ ويو هوس، پر هن ٻاهر نڪرندي هڪ جلسي ۾ اسان تي حملو ڪيو. پي پي پي جي چيئرمين مريم نواز جي تعريف ڪندي چيو ته "وزيراعليٰ پنجاب چڱو ڪم ڪري رهي آهي. هن وڌيڪ چيو ته هڪ پارليامينٽ کان ٻه آئيني ترميمون ڪافي آهن، وڌيڪ جي گنجائش ناهي، آئين اهڙو دستاويز ناهي جو بار بار تبديل ڪيو وڃي. موجوده حالتن ۾ وزيراعظم ٿيڻ بابت سوال تي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هن (وزيراعظم بڻجڻ) بابت پنهنجن ڪنن کي هٿ لڳائي ڇڏيا. هن وڌيڪ چيو ته پنجاب ۾ اتحادي گروپن کي به اسپيس وٺڻي پوندي، ۽ اسان صوبي ۾ وزارتون نٿا وٺنداسين. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته واپاري برادري جو معيشت جي بهتري ۾ اهم ڪردار آهي، واپارين جي مسئلن جي حل لاءِ ڪردار ادا ڪندا رهنداسين. لاهور ۾ صنعتڪارن ۽ واپارين کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو پاڪستان لاءِ فخر جي ڳالهه آهي ته چين جهڙا ملڪ اسان سان گڏ ڪم ڪري رهيا آهن، اسان کي سوچڻو آهي ته چين سان گڏ ڪيئن پنهنجي نمبر کي مٿي وٺي وڃي سگهون ٿا. هن چيو ته گذريل حڪومتون ڏنڊي جي زور تي معيشت هلائينديون هيون، مان سمجهان ٿو ته معيشت کي پيار سان هلائڻ گهرجي، ايف بي آر ۾ ڊجيٽلائيزيشن جو سسٽم انتهائي اهميت رکي ٿو.