ڪراچي (رپورٽ: ذوالفقار راڄپر ) انساني حقن جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان سنڌ جي انساني حقن جي ڊائريڪٽوريٽ کان سواءِ عورتن جي ڪميشن ،عورتن جي ڀلائي جي وزارت ۽ انساني حقن جي ڪميشنپاڪستان (ايڇ آر سي پي ) جي ڪراچي آفيس سميت ڪنهن وٽ به سنڌ اندر انساني حقن جي ڀڃڪڙين، عورتن تي تشدد، اغوا، قتل، ٻارڙن سان زيادتين، اغوا ۽ عام شهرين جي انساني حقن جي مسئلن تي جنوري کان نومبر تائين 11 مهينن جا انگ اکر موجود نه آهن، جيڪي صحافتي ادارن کي مھيا ڪيا وڃن، ان سلسلي ۾ سنڌ حڪومت جي انساني ڪميش جي ڊائريڪٽوريٽ آفيس جي ڊائريڪٽر آغا فخر حسين ۽ ميڊيا ڪنسلٽنٽ سويتا روزاني عوامي آواز کي 11 مهينن جا انگ اکر ڏنا، جڏهن ته عورتن جي ڀلائي واري وزير شاهينا شير علي هڪ بجي تائين آفيس نه آئي ۽ نه ئي سندس عملي جو ڪو فرد عورتن جي شڪايتن يا مسئلن تي ميڊيا کي انگ اکر پيش ڪرڻ لاءِ موجود هو ، جڏهن ان سلسلي ۾ شاهينا شير علي جي ميڊيا پي آر او شبير بابر سان رابطو ڪيو ويو ته اسان جڏهن به پريس ڪانفرنس ڪئي ته ان ۾ اهي انگ اکر پيش ڪيا ويندا، اسان اول ميڊيا کي نه ٿا ڏئي سگهون ۽ جڏهن روزاني عوامي آواز طرفان هن سان ٻيهر رابطو ڪندي کيس چيو ويو ته اڄ 10 ڊسمبر انساني حقن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي آهي انگ اکر رپورٽ ڪرڻ ضروري آهن ته هن چيو ته هو اهي واٽس ايپ ڪري ڇڏيندو، پر هن خبر لکڻ تائين پي آر او عوامي آواز سان رابطو نه ڪيو، هوڏانهن عورتن جي وزارت جي آفيس هڪ ذريعي ٻڌايو ته عورتن جي حقن ۽ ٻين مسئلن جا ماهوار انگ اکر گڏ ڪرڻ متعلق وزارت جي آفيس طرفان ڪوبه ڪم نه ڪيو ويو آهي. طرف سنڌ حڪومت جي هيومن رائيٽس ڪميشن جي چيئرمين اقبال ڏيٿو کي گذريل 7,8 مهينن اڳ سندس عهدي کي هٽائڻ بعد ڪميشن جي ڪارڪردگي سخت متاثر ٿي آهي ۽ هن وقت تائين اهو عهدو خالي رهڻ ڪري سنڌ ۾ انساني حقن جي شڪايتن ۽ انهن جو تدارڪ ڪرڻ متعلق فعال ڪردار ادا نه ڪري رهيو آهي.