ڪراچي ۾ 27 هين ترميم خلاف سول سوسائٽي جي ريلي، پوليس جي رستاروڪ

ڪراچي (رپورٽر ) آئيني ڀڃڪڙين ۽ ترميمن خلاف سول سوسائٽي 27 هين ترميم خلاف عوامي نمائندگي تحريڪ ڪراچي پاران عبدالخالق جوڻيجو، مهناز الرحمان، سارنگ جويو، سھڻي جويو سليم صالح بوزدار پروفيسر ڊاڪٽر رياض جي سمي دين بلوچ جي اڳواڻي ۾ ريگل چوڪ کان ڪراچي پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي احتجاج ڪيو ويو، ان موقعي تي پوليس ڪراچي پريس ڪلب جي چوطرف ناڪابندي ڪري ڇڏي ۽ بعد ۾ ڪجهه شرطن تي ريلي کي ڪراچي پريس ڪلب وڃڻ ڏنو، ان موقعي اڳواڻن خطاب ڪندي مطالبو ڪيو ته ملڪ مان 27 هين ترميم جو خاتمو آڻي ڪورٽن ۽ انصاف جا قيد خانا کوليا وڃن ،هنن مطالبو ڪيو ته سمورن سياسي ڪارڪنن سميت ماهرنگ بلوچ، عمران خان، علي وزير کي فوري طور آزاد ڪيو وڃي، فيلڊ مارشل جي  ڇوٽ  کي ختم ڪيو وڃي، جبري گمشدگين جو سلسلو بند ڪيو وڃي، سڀني گم ٿيل ماڻهن کي بازياب ڪرايو وڃي ۽ ٽن مهينن تائين بغير ٽرائل جي نظربند رکڻ جي قانون سميت سڀئي ڪارا قانون ختم ڪيا وڃن، سڀني سياسي قيدين  خلاف ڪوڙا ڪيس واپس ورتا وڃن ۽ سياسي ڪارڪنن جا نالا چوٿين شيڊول مان ڪڍيا وڃن،اظهار ۽ ميڊيا جي آزادي تي پابنديون هٽايون وڃن،شهرين کي برابر حق ڏنا وڃن.18 سالن کان گهٽ عمر وارن ماڻهن جي مذهبي تبديلي تي پابندي لاڳو ڪئي وڃي.مزدورن لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 50,000 رپيا اجرت مقرر ڪئي وڃي، دريائن کي سمنڊ تائين پهچڻ ڏنو وڃي، پاڪستان کي هڪ گهڻ-قومي رياست سمجهيو وڃي هنن وڌيڪ چيو ته نون صوبن جي نالي تي قومي يونٽن ۾ ورهائڻ جي سازش بند ڪئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.