ڪجهه ماڻهن کان سنڌي ثقافتي ڏهاڙو برداشت نه پيو ٿئي:صفدر عباسي

لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) جي ڊي اي جي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر صفدر علي عباسي ثقافتي ڏينهن جي موقعي تي ڪراچي پوليس پاران نوجوانن جي گرفتاري ۽ نامناسب رويي جي سخت مذمت ڪئي آهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت جو هي قدم غير قانوني آهي ۽ اهڙن واقعن جا نتيجا ڪڏهن به سٺا نه هوندا آهن. ڊاڪٽر صفدر عباسي چيو ته سنڌي ثقافتي ڏينهن سال ۾ هڪ ڀيرو ملهايو ويندو آهي پر اسان جي خوشي برداشت نه ڪئي پئي وڃي جيڪا افسوس جي ڳالهه آهي. هن چيو ته سنڌي ثقافتي ڏينهن اسان کي ياد ڏياري ٿو ته اتحاد اسان جي طاقت آهي ۽ سنڌي ٻولي، رقص ۽ ثقافت دنيا کي امن جو پيغام ڏئي ٿي پر ڪجهه ماڻهو اهو برداشت نٿا ڪري سگهن ۽ ڪاوڙ ۾ اهڙا ڪم ڪري رهيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.