گهڻا تجزيه ڪار ۽ سرڪاري ماڻهو هن سموري معاملي کي ضرورت کان وڌيڪ وڏي ڳالهه بڻائي پيش ڪري رهيا هئا، پر هاڻي انهن جا سمورا قياس آرائيو ختم ٿي چڪا آهن، ڇاڪاڻ ته ڊگهي عرصي کان زيرِ بحث رهندڙ نوٽيفڪيشن آخرڪار عوام لاءِ جاري ڪيو ويو آهي۔ پر نوٽيفڪيشن ۾ اڃا تائين اها ڳالهه واضح ناهي ڪئي وئي ته هائبرڊ حڪومتي نظام جي ٻنهي ڀاڱيدارن وچ ۾ جيڪڏهن ڪو تڪرار هو به، ته اصل سبب ڇا هو، يا ڪنهن ڌر هن معاملي ۾ پوئتي هٽڻ جي ڪوشش ڪئي؟ ڪيتريون ئي قياس آرائيون گردش ۾ رهيون ته اختلافن سبب نوٽيفڪيشن ۾ دير ٿي ۽ ڪجهه ‘تجزيهڪارن’ جو خيال هو ته اهي اختلاف ٽٽڻ جو بنياد بڻجندا، جيڪو هائبرڊ سيٽ اپ جي خاتمي تي منتج ٿيندو، پر ٻئي طرف اهڙا مبصر به موجود هئا جيڪي صورتحال کي گهڻي باريڪ بيني سان ڏسي رهيا هئا۔ انهن جو استدلال هو ته جيڪا تباهيءَ جي اڳڪٿي ڪئي پئي وڃي، اها مبالغو آميز، غير حقيقي ۽ اصل حقيقتن کان وڌيڪ خواهشن جو نتيجو آهي۔
27هين ترميم ۾ سڀ ڪجهه واضح طور لکيل آهي، تنهنڪري هي سمجهڻ ڏکيو هو ته اختلاف آخر ڇو پيدا ٿيندو؟ نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ لاءِ ته کين بنيادي طور رڳو ترميم جا لفظ ڪاپي ۽ پيسٽ ڪرڻا هئا۔ حقيقت ۾ ان کان وڌيڪ ڪا به ضرورت نه هئي۔ خود اها ترميم انهيءَ حقيقت جي عڪاسي ڪري ٿي ته هن هائبرڊ نظام جا ٻئي غير مساوي ساٿي جيڪا به سندن وچ ۾ بي هم آهنگي هجي. اُهي هڪ ٻئي لاءِ ناگزير آهن۔ جڏهن اها حقيقت تسليم ٿيل آهي ته پوءِ سول قيادت طرفان اعتراض آخر ڪٿي ۽ ڇو پيدا ٿيندو؟ ڪجهه ته ايترو به چون ٿا ته جن کي عام ٻوليءَ ۾ beggars can’t be choosers چيو ويندو آهي، اهي ڪنهن موقف اختيار ڪرڻ جو اختيار به رکندا؟
هاڻي جيڪڏهن اوهان کان پڇجي ته موجوده طاقت جي بندوبست ۾ سول ڌر لاءِ هن نظام کي قائم رکڻ ڪيترو ضروري آهي خاص طور گذريل چونڊن کي نظر ۾ رکندي، جتي عوامي حمايت ۾ تيزيءَ سان گهٽتائي آئي ۽ وڏي مشڪل سان کين ڪامياب ڪرايو ويو، جڏهن ته سندن مخالف سمورين رڪاوٽن جو مقابلو ڪيو ته اوهان چوندا ته اها ضرورت انتهائي اهم آهي۔ ۽ اوهان صحيح به چوندا۔ هي ان ڳالهه ڏانهن اشارو ڪري ٿو ته مسلم ليگ (ن) پنهنجي سياسي بقا ۽ اهميت لاءِ وچولي کان ڊگهي مدي تائين هڪ اداري جي قيادت جي فراخدلي تي ڪيتري حد تائين انحصار ڪندي، ڇاڪاڻ ته نظام جو جيڪو حصو هاڻي اعلان ٿيو آهي، اهو ايندڙ عام چونڊن کان پوءِ به لڳ ڀڳ ٻه سال تائين برقرار رهندو۔
هائبرڊ نظام جي برقرار رهڻ جي هڪ ٻي نشاني تازي تلخ بحثن جي صورت ۾ به سامهون آئي، جيڪي قيد ۾ موجود اپوزيشن جي اڳواڻ ۽ انهن سان سخت رويو اختيار ڪندڙن جي وچ ۾ ٿيا، جتي ڳالهه غير ضروري طور توهين آميز ۽ سخت لفظن تائين پهچي وئي۔
اهي ملڪ جا سڀ کان مقبول سياستدان ٿي سگهن ٿا، پر اهي انتهائي سخت ۽ غير مهذب ٻولي استعمال ڪرڻ جا به ذميوار آهن، جنهن سبب ٻيا ماڻهو پڻ ساڳي لهجي ۾ ڳالهائڻ لڳا آهن۔ اهڙي ٻولي قومي مفاهمت جا امڪان وڌيڪ گهٽ ڪري ٿي ۽ مخالف ڌريون به متحد ٿي وڃن ٿيون۔ باقي سڀ ڪجهه غير متعلق آهي۔ اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف جنهن فوجي حڪمران جي پسنديده شاگرد کان سول بالادستي جي اصولن لاءِ ثابت قدم رهندڙ اڳواڻ بڻجڻ تائين جو سفر طئي ڪيو لڳي ٿو ته هاڻي کيس حقيقت جو سامنا آهي۔ هو ڪڏهن ڪڏهن اهو ڏيکارڻ لاءِ سخت لهجو اختيار ڪري ٿو ته هو اڃا پنهنجي اصولن تي قائم آهي، پر وطن واپسي ۽ ڊگهي سياسي ڪيريئر کان پوءِ، هو هاڻي هڪ قدم پوئتي هٽڻ ۽ پنهنجي چونڊيل جانشين يعني پنهنجي نياڻي جي سياسي مستقبل کي بچائڻ لاءِ نرم لهجي ۾ ڳالهائڻ لاءِ تيار نظر اچي ٿو۔
سندن ننڍو ڀاءُ ۽ موجوده وزيراعظم پاڪستان ظاهري طور پنهنجي عالمي ڪردار کان مطمئن نظر اچي ٿو، جيڪو خليج، مرڪزي ايشيا ۽ ٻين دور دراز ملڪن تائين وڃي مختلف اڳواڻن سان ملاقاتون ڪري ٿو، هٿ ملايو ٿو ۽ معاهدن تي صحيحون ڪري ٿو۔ اسان جي بي وسيءَ ۾ مبتلا قوم کي دل سان اها اميد رکڻي پوندي ته شايد اهي معاهدا ڪنهن ڏينهن حقيقي غيرملڪي سيڙپڪاري جي صورت ۾ لٺ بڻجن، ته جيئن سندن زندگي بهتر ٿي سگهي۔
چون ٿا ته جڏهن 27هين ترميم پارليامينٽ مان بنا ڪنهن مزاحمت جي منظوري ملي وئي، ته قانون واري وزارت کان وٺي دفاع واري وزارت ۽ جج ايڊووڪيٽ جنرل برانچ تائين جيڪي ماڻهو نوٽيفڪيشن لکڻ جا ذميوار هئا، اهي شايد ضرورت کان وڌيڪ مطمئن ۽ بي پرواهه ٿي ويا۔ اهي اوچتو ان وقت جاڳيا جڏهن نوٽيفڪيشن عام ڪرڻ ۾ دير پاڻ هڪ مسئلو بڻجي وئي انهن چيو، هي ظاهر ڪري ٿو ته پاڪستان هميشه بحران جي ڪناري تي بيٺو رهندو آهي۔ سوشل ميڊيا تي بحثن جي ڦهلاءَ سان گڏ ڪمزور اليڪٽرانڪ ميڊيا به پاڻ کي پري نه رکي سگهي۔ ۽ پوءِ طوفان برپا ٿيو پر آخرڪار بلبلو ڦاٽي ئي پيو۔موجوده نظام شايد ويجهڙائي ۾ قائم رهي، پر اصل سوال اهو آهي ته ڇا اهو حقيقي نتيجا ڏئي به سگهندو؟
ملڪ کي هر طرف کان سنگين مسئلا درپيش آهن ٻن صوبن ۾ وڌندڙ دهشتگردي چاهي سالن جي ناڪام رياستي پاليسين جو نتيجو هجي يا پرڏيهي مداخلت جو ملڪي سلامتي جي ذميوارن لاءِ وڏا سوال پيدا ڪري ٿي۔ اقتصادي ترقي جا واعدا تڏهن بي معنيٰ لڳن ٿا جڏهن آبادي معيشيت کان تيزيءَ سان وڌي رهي هجي۔ روزانو جيڪي معاهدا ٿين ٿا، انهن مان ڪيترن ۾ صوبائي اختيار کي ڪمزور ڪري غيرملڪي ڪمپنين کي اسان جي معدني وسيلن تائين رسائي فراهم ڪئي وڃي ٿي، جڏهن ته انهن صوبن ۾ حقيقي سيڙپڪاري اڃا تائين نظر نٿي اچي۔ ايتري قدر جو جيڪا ٿوري گهڻي آمدني آهي، اها به انهن ماڻهن جي زندگين بدلائڻ لاءِ ڪافي ناهي، جيڪي انهن معدنيات جا حقيقي مالڪ آهن۔ لڳي ٿو ته صوبن جي آئيني طور ضمانت ٿيل حصي تي هڪ ٻيو وار ڪرڻ جي تياري آهي بغير ان ڳالهه جي پرواهه ڪيل ته نتيجا ڇا نڪرندا۔
هاڻي جڏهن نوٽيفڪيشن وارو معاملو طئي ٿي ويو آهي، ملڪ کي پنهنجن اصل چيلينجن سان نبرڻ لاءِ انهن سڀني مسئلن تي سنجيدگيءَ سان ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي۔ اهو سڀني جي گڏيل ذميواري آهي۔ جيڪڏهن لفظ ‘حب الوطني’ تي ايترو سياسي داغ نه لڳايو ويو هجي ته مان چوان ته هي وقت حب الوطنيءَ جو تقاضو ڪري ٿو پر ڇا ڪو واقعي بيانن کان اڳتي وڌي پنهنجو اصل فرض ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهي؟
ملڪ کي هر طرف کان سنگين مسئلا درپيش آهن ٻن صوبن ۾ وڌندڙ دهشتگردي چاهي سالن جي ناڪام رياستي پاليسين جو نتيجو هجي يا پرڏيهي مداخلت جو ملڪي سلامتي جي ذميوارن لاءِ وڏا سوال پيدا ڪري ٿي۔ اقتصادي ترقي جا واعدا تڏهن بي معنيٰ لڳن ٿا جڏهن آبادي معيشيت کان تيزيءَ سان وڌي رهي هجي۔ روزانو جيڪي معاهدا ٿين ٿا، انهن مان ڪيترن ۾ صوبائي اختيار کي ڪمزور ڪري غيرملڪي ڪمپنين کي اسان جي معدني وسيلن تائين رسائي فراهم ڪئي وڃي ٿي، جڏهن ته انهن صوبن ۾ حقيقي سيڙپڪاري اڃا تائين نظر نٿي اچي۔ ايتري قدر جو جيڪا ٿوري گهڻي آمدني آهي، اها به انهن ماڻهن جي زندگين بدلائڻ لاءِ ڪافي ناهي، جيڪي انهن معدنيات جا حقيقي مالڪ آهن