انساني تاريخ ۾ سائنس کي هميشه هڪ اهڙي قوت سمجهيو ويو آهي، جيڪا انسان جي سوچ، زندگي، تمدن ۽ معاشرت کي بهتر بڻائي سگهي ٿي. سائنس صرف ليبارٽري يا پيچيده اوزارن تائين محدود ناهي پر سائنس هڪ فڪر، سوچڻ جو طريقو ۽ دنيا کي سمجهڻ جو ذريعو آهي. قديم انسان باهه، پاڻيءَ جي وهڪرن، آسمان ۾ ٿيندڙ چرپرن ۽ ڏينهن رات جي ڦيرڦار کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ تجربن ذريعي علم حاصل ڪيو. اھو ئي سائنس جو بنياد بڻيو، جيڪو انسان کي ڏاهپ، مشاهدن ۽ تجربي جي روشني ڏانهن وٺي ويو. جيڪڏهن ڪنهن قوم کي ترقي ڪرڻي آهي ته سائنسي شعور کانسواءِ اها ناممڪن آهي. سائنس نه رڳو علم حاصل ڪرڻ جو وسيلو آهي پر معاشري کي منظم ڪرڻ، پاليسيون ٺاهڻ، ادارا مضبوط ڪرڻ ۽ مستقبل لاءِ تيار رهڻ جو بنياد پڻ آهي. سائنس اها روشني آهي جنهن انسانيت کي صديون اڳ جهالت، اونداهي ۽ ڀرم جي دنيا مان ڪڍي، دليل، مشاهدي ۽ تجربي جي دنيا ڏانهن آندو. ماضي هجي يا حال، دنيا جي هر ترقي، هر ايجاد ۽ هر سهولت جي پٺيان سائنس ئي اصل قوت رهي آهي. جڏهن انسان باهه دريافت ڪئي، جڏهن ستارن جو حساب ڪرڻ سکيائين، جڏهن زمين کان آسمان تائين سفر ممڪن بڻيو، تڏهن هر قدم تي علم ۽ سائنس ئي انسان جا ساٿي هئا. اڄ جي جديد دور ۾ جڏهن دنيا مصنوعي ذهانت، خلائي تحقيق، روبوٽڪس، بايو ٽيڪنالاجي ۽ توانائيءَ جي نون ذريعن ۽ ايجادن ڏانهن وڌي رهي آهي، تڏهن سائنس کان پري رهڻ ڪنهن به سماج لاءِ نه رڳو نقصانڪار پر خطرناڪ عمل پڻ آهي.
ڪجهه ڏينهن اڳ زيبسٽ يونيورسٽي ڪراچي ۾ ڊاڪٽر سڪندر مغل جي ڪتابن جي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت ڪئي، جتي سنڌي ٻولي ۾ سائنس جي اهميت کي اجاگر ڪيو ويو. انهن ڪتابن ۾ سائنس جي بنيادي اصولن، جديد تحقيق ۽ نظريات کي سادي ۽ سولي انداز ۾ پيش ڪيو ويو. اها تقريب هڪ وڏي سوچ پيدا ڪندڙ تجربو ثابت ٿي، جنهن مون کي اهو احساس ڏياريو ته اسان جو سماج ۽ تعليمي نظام سائنس جي روشني کان گهڻو پري آهن. خاص طور تي پرائمري اسڪولن کان ڪاليجن تائين جو نصاب گهڻو ڪري غير سائنسي، افواهن ۽ رواجن تي ٻڌل آهي، جنهن نوجوان نسل ۾ تجسس، تحقيق ۽ منطقي سوچ پيدا ڪرڻ بدران ذهن ۾ غير سائنسي روين کي وڌايو آهي. ماضي ۾ مختلف تهذيبن سائنس ذريعي پنهنجو وجود مضبوط ڪيو. مصرين جا هرم، بابلين جا حساب، يونانين جي منطق، هندستاني فلڪيات ۽ اسلامي سائنسدانن جا تجربا انساني تاريخ جا روشن مثال آهن. تنھنڪري اھو چئي سگھجي ٿو تھ سائنس ترقي يافته قومن جو بنياد آهي ۽ جيڪي ملڪ تحقيق، تجربي ۽ جديد ايجادن تي ڌيان ڏين ٿا، اُهي معاشي ۽ سماجي طور مضبوط ٿين ٿا. اڄ جي دور ۾ سائنس هر ملڪ جي ترقي جو بنيادي معيار بڻجي چڪي آهي. جديد دنيا جو ڪوبه ادارو سائنس کانسواءِ هلڻ جو تصور به نٿو ڪري سگهي. موبائل فون، انٽرنيٽ، ڪمپيوٽر، مصنوعي ذهانت، روبوٽڪس، بايو ٽيڪنالاجي، ماحولياتي سائنس، توانائي جو انتظام، معاشيات، سماجي سائنسز، تعليم ۽ صحت، اهي سڀ جديد سماج جا بنيادي حصا آهن. سائنس کانسواءِ تعليم، صحت، صنعت، زراعت، پاليسي ۽ حڪمراني ۾ ڪا به ترقي ممڪن ناهي. اڄ اها ڳالهه طئي ٿي چڪي آهي ته ڪامياب قومون اهي آهن جيڪي سائنس کي پنهنجي ٻارن جي ذهنن، ادارن جي پاليسين ۽ حڪومتن جي حڪمت عملين ۾ شامل ڪن.
سائنس جون سڀ شاخون برابر اهميت رکن ٿيون. قدرتي سائنسون جهڙوڪ فزڪس، ڪيمسٽري، بايولوجي ڌرتي، ڪائنات ۽ توانائيءَ کي سمجهڻ سيکارين ٿيون. رياضي هر قسم جي حساب، انجنيئرنگ ۽ تجزئي جو بنيادي اوزار آهي. سماجي سائنسون جهڙوڪ معاشيات، سماجيات، نفسيات ۽ سياست انساني روين، ادارن ۽ پاليسين کي سمجهڻ ۾ مدد ڏين ٿيون. حياتياتي ۽ طبي سائنسون انسان جي صحت، دوائن، علاج ۽ بايو ٽيڪنالاجي ۾ انقلاب آڻين ٿيون. انجنيئرنگ هر قسم جي تعمير، صنعتي ترقي ۽ ٽيڪنالاجي جو بنياد آهي. زرعي سائنس غذائي تحفظ، فصلن جي پيداوار ۽ خوراڪ جي معيار لاءِ ضروري آهي، جڏهن ته ماحولياتي سائنس ڌرتي جي بقا ۽ موسمياتي تبديلي کي سمجهڻ لاءِ اهم آهي. مصنوعي ذهانت ۽ ٽيڪنالاجي مستقبل جي هر نظام، صنعتي ۽ علمي ڪم لاءِ لازمي آهن. سماج جي ترقي ان وقت ممڪن آهي جڏهن اهي سڀ سائنسون گڏجي سائنسي سوچ کي قومي فيصلا سازي ۾ شامل ڪن. غير سائنسي سوچ سماج لاءِ انتهائي نقصانڪار آهي. اهڙو ذهن جذبات، خرافات ۽ افواهن تي ٻڌل هوندو آهي، جڏهن ته ترقي سچائي، ثبوت ۽ دليل تي ٻڌل هوندي آهي. اهڙي سوچ تعليم ادارن سان گڏ مختلف قسم جي ادارن جي معيار کي تباهه ڪري ٿي، نصاب کي سياسي ۽ غير سائنسي رخ ڏئي ٿي ۽ قومن کي عالمي مقابلي ۾ پوئتي ڌڪي ڇڏيندي آهي. جڏهن ادارا غير سائنسي فيصلا ڪن ٿا ته پاليسيون ناڪام ٿينديون آهن، وسيلن جو غلط استعمال ٿيندو آهي ۽ ترقيءَ جا سڀ موقعا ضايع ٿي ويندا آهن.
غير سائنسي سوچ رڳو علم جي کوٽ نه پر مجموعي سماجي زوال جو سبب بڻجي ٿي. غير سائنسي ذهنيت ماڻهن کي بنا ثبوت جي هر ڳالهه تي يقين ڪرڻ تي مجبور ڪري ٿي، جنهن ڪري افواهون، غلط فهميون ۽ وهم وڌن ٿا. اهڙي سوچ تعليم، پاليسي سازي، ادارن جي ڪارڪردگي ۽ معاشي ترقي کي خطرناڪ حد تائين متاثر ڪري ٿي. تعليمي ادارن ۾ جڏهن نصاب ٺاهيندڙ يا پڙهائڻ وارا جديد سائنس کان بيخبر هجن يا سائنسي روحن کان محروم هجن ته اُتي پيدا ٿيندڙ شاگرد عالمي مقابلي ۾ اڳتي وڌڻ جي بجاءِ پوئتي رهجي وڃن ٿا. نصاب ۾ جڏهن تجسس، سوال پڇڻ، تجربو ڪرڻ، سائنسي طريقي سان سوچڻ ۽ عام ذهن کولڻ جهڙيون خوبيون شامل نه ٿينديون آهن، تڏهن ٻارن ۾ فطري جستجو مري ويندي آهي. اهو ئي سبب آهي جو ڪيترائي سماج ترقي جي راھ ۾ شامل ئي نٿا ٿي سگهن. تنھنڪري ضرورت ان ڳالھ جي آهي ته الڳ الڳ عمرن، الڳ سطحن ۽ الڳ شعبن لاءِ سائنس بابت ڪتاب، رسالا، آسان ٻوليءَ ۾ لکيل سائنسي نظريا، جديد ايجادن جون ساديون وضاحتون ۽ سائنسي سوچ کي وڌائڻ بابت مواد تيار ڪيو وڃي. اسڪولن ۾ سائنس جا ڪتاب جديد معيار مطابق هجن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ تحقيق جا دروازا کليل هجن ۽ عام ماڻهن لاءِ سائنسي شعور تي ٻڌل ڪتاب ميڊيا، لائبريرين ۽ ڊجيٽل پليٽفارمن تي موجود هجن. جيڪڏهن اسان پنهنجي ٻوليءَ ۾ سائنس تي وڌيڪ ڪتاب، ترجما ۽ نوان خيال پيش ڪريون ته نئين نسل لاءِ علمي دنيا جا در کلي ويندا.
اسان لاءِ سڀ کان وڏي ضرورت اها آهي ته سائنس کي پنهنجي ادارن، نصاب، پاليسين، ميڊيا ۽ عوامي سجاڳي جو حصو بڻايون. اسان پنهنجي ايندڙ نسلن لاءِ روشن مستقبل تڏهن ئي ٺاهي سگهون ٿا، جڏهن اسان سائنس کي پنهنجي سماجي، معاشي ۽ تعليمي ڍانچي جو مرڪز بڻايون. سائنس نه رڳو ترقي جو ذريعو آهي، بلڪه سچائي، عقلي سوچ، ذهني آزادي ۽ جديد دور سان هم قدم ٿي وڃڻ جو واحد رستو پڻ آهي. جيڪڏهن اسين واقعي ترقي چاهيون ٿا ته پوءِ سائنس پڙهڻ سان گڏوگڏ سائنس کي سمجهڻ، قبول ڪرڻ ۽ سماج ۾ ان کي عام ڪرڻ ضروري آهي. سائنسي شعور ئي اسانجا ذهن کولي سگهي ٿو، ادارن کي مضبوط ڪري سگهي ٿو ۽ قوم کي روشن مستقبل ڏانهن وٺي وڃي سگهي ٿو. تنھنڪري سائنس جو پرچار هر سطح تي ضروري آهي. عام ماڻهن کي توانائي، صحت، صفائي، ماحول ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي بنيادي اصولن بابت آگاهي ڏيڻ گهرجي. شاگردن کي سوال ڪرڻ، تجربي ڪرڻ ۽ تحقيق ڪرڻ سيکارڻ لازمي آهي. استادن کي جديد سائنسي تربيت ڏيڻ گهرجي، جيئن هو نئين نسل جي ذهنن کي فڪري آزادي ۽ تخليق سيکارين. عورتن جي سائنسي تعليم سماج ۾ ٻيهر معاشي، سماجي ۽ سياسي سجاڳي پيدا ڪري ٿي. زرعي سائنس ھارين تائين پهچائڻ، انجنيئرنگ ۽ ٽيڪنالاجي کي نوجوانن تائين پهچائڻ، ماحولياتي سائنس کي شهرين تائين پهچائڻ ۽ ميڊيا ۾ سائنسي پروگرامن کي هٿي ڏيڻ لازمي آهي، جيئن سماج افواهن بدران ڄاڻ جي بنياد تي هلڻ شروع ڪري. سائنس جو پرچار، اصل ۾ ترقيءَ جو پرچار آهي ۽ ترقي هر قوم جو بنيادي حق ۽ ضرورت آهي۔
سائنس جي پرچار لاءِ سائنسي ڪتابن، مقالن، جرنلن، ٻارن جي ڪهاڻين ۽ عوامي مواد جو هجڻ انتهائي ضروري آهي. جديد تحقيق، عالمي سائنسدانن جا ڪتاب، سائنسي جرنل، ليبارٽريز ۽ نصاب ۾ سائنسي سرگرمين جي ذريعي سماج ۾ سائنس جو شعور وڌايو وڃي. جڏهن سماج سائنس جي روشني ۾ زندگي گذاريندو ته معاشرو روشن، ترقي يافته ۽ مستحڪم بڻجي ويندو. مستقبل لاءِ حڪمت عملي لازمي آهي. نصاب ۾ اصلاح، تحقيق لاءِ فنڊ، تعليمي ادارن ۾ ليبارٽريز، نوجوانن لاءِ سائنس ڪلب، استادن لاءِ تربيت، ميڊيا ۾ سائنسي رپورٽنگ ۽ عوام ۾ سائنسي شعور، اهي سڀ قدم سماج جي ترقي ۽ بقا لاءِ ضروري آهن. مستقبل انهن قومن جو آهي جيڪي سائنس کي پنهنجي سوچ، پاليسي ۽ پنھنجو فلسفو بڻائين ٿيون. نتيجي طور، سائنس رڳو علم جو ذريعو ناهي پر زندگي جو فلسفو، سوچ جو طريقو ۽ معاشري جي ترقي جو بنياد آهي. مون ڊاڪٽر سڪندر مغل جي ڪتابن جو افتتاحي سيشن ڏسي اهو محسوس ڪيو ته جيڪڏهن اسان سنڌي سماج ۾ سائنس جي شعور کي وڌائڻ نٿا چاهيون ته نسلون غير سائنسي سوچ ۽ نصاب جي کوٽ جو شڪار ٿينديون. اسان کي گهرجي ته سائنس جو پرچار هر گهر، هر اسڪول، هر اداري ۽ هر دل تائين پهچايون. سائنس جا پرچارڪ يا تبليغي بڻجيون ۽ سماج کي روشن مستقبل ڏانهن وٺي وڃون. اهڙي سماج ۾ نه رڳو تعليم، صحت ۽ معيشت مضبوط ٿيندي پر نسلن جي شعور ۽ فڪر ۾ به نئين روشني پيدا ٿيندي.