ملڪ جو آئين، انساني حقن جو چارٽر ۽ جهموري اصول اسان کي اهو حق ڏين ٿا ته اسين پنهنجن عوامي ادارن، چونڊيل نمائندن، بيوروڪريسي ۽ مڪاني نظام جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺون، سوال اُٿاريو ۽ احتساب جو مطالبو ڪريون. عوامي نگراني، سوشل آڊٽ ۽ ادارن جي نگراني اهڙي سماج جي بنيادي ضرورت آهي جيڪو ترقي، شفافيت ۽ ذميوار حڪمراني ڏانهن وڌڻ چاهي ٿو اسان، شهري ۽ صحافي جي حيثيت ۾، ڪيتري ئي وقت کان ملير جي ادارن، ٽائون انتظاميا ۽ يونين ڪميٽين جي ڪارڪردگيءَ تي رپورٽون پيش ڪندا رهيا آهيون ۽ عوام کي باخبر رکندا رهيا آهيون. اڄ ٻيهر محسوس ٿيو آهي ته ملير جي 30 يونين ڪميٽين جي مجموعي ڪارڪردگي، بجيٽ، فنڊن جي استعمال ۽ عوامي سهولتن جو کليل جائزو ورتو وڃي، ته جيئن سچ عوام آڏو اچي سگهي.
ان کان اڳ، اسين تفصيلي رپورٽن ۾ ملير جي ٽنهي ٽائونن ابراهيم حيدري، ملير ۽ گڏاپ ٽائون جي خراب ڪارڪردگي، غفلت، غيرشفاف بجيٽ خرچ ۽ انتظامي نااهلي جو ذڪر ڪري چڪا آهيون. اِهي اُهي ٽائون آهن جن کي گذريل ٽن سالن دوران 30 ارب رُپين کان وڌيڪ بجيٽ ملي. اها ڳري رقم ترقياتي منصوبن، شهري سهولتن جي بحالي، صفائي نظام جي بهتري ۽ سيوريج لائينن جي مرمت لاءِ ڪافي هئي، پر بدقسمتي سان هن وڏِين بجيٽن جي باوجود ملير جا اڪثر علائقا اڄ به بنيادي سهولتن کان محروم آهن۔هڪ اهڙي شهر ۾ جتي هر مهيني اربين رُپيا خرچ ڏيکاريا وڃن ٿا، اُتي سڀ کان تڪليف ڏيندڙ ۽ خطرناڪ مسئلو گٽرن مين هولن جي کليل هجڻ آهي. گذريل ٽن سالن ۾ ملير ۾ 12 کان وڌيڪ ٻار ۽ نوجوان کليل مين هولن ۾ ڪري جان وڃائي چڪا آهن. اهي صرف حادثا ناهن، پر انتظاميا جي سخت غفلت، بي حسي ۽ غيرذميواري جو نتيجو آهن۔سوال آهي ته 30 ارب رُپيا ملڻ باوجود ڇا بلدياتي ادارن وٽ چند لک رپين جا ڍڪڻ خريد ڪرڻ لاءِ به پيسا نه هئا؟ڇا انهن ٻارن جون حياتين جي ڪا قيمت نه هئي ؟عوام جو سوال بلڪل جائز آهي۔ هاڻي اچون ٿا ملير جي 30 يونين ڪميٽين ڏانهن هر يونين ڪميٽي کي حڪومت طرفان ماهوار 12 لک رُپيا ملن ٿا.هي رقم صفائي، سيوريج مرمت، اسٽيٽ لائيٽن جي سار سنڀال ۽ ننڍن ترقياتي ڪمن لاءِ ڪافي آهي۔
هڪ يوسي جو ساليانو بجيٽ 1 ڪروڙ 44 لک رپيا ٽن سالن ۾ هڪ يوسي لاءِ بجيٽ: 4 ڪروڙ 32 لک رپيا 30 يو سيز جي ٽن سالن جي مجموعي رقم: لڳ ڀڳ 130 ڪروڙ رپيا هي تمام وڏي رقم آهي. هن سان هر يوسي ۾ گهٽ ۾ گهٽ روڊ مرمت، سيوريج بهترائي، پارڪن جي بحالي، اسٽريٽ لائيٽن جي انسٽاليشن ۽ صفائي جو نظام نمايان نظر اچڻ گهرجي ها پر صورتحال ان جي ابتڙ آهي۔توھان ملير جي ڪنهن به علائقي ۾ هليو وڃي گهگهر، گلشن حديد، مـيـمڻ ڳوٺ، ريڙهي، ابراهيم حيدري، گڏاپ، کوکراپار، سعودآباد يا جعفر طيار ته اوهان کي ڪٿي به خرچ ٿيندڙ پيسا نظر نه ايندا۔حيرت جي ڳالهه آهي ته انھن يونين ڪميٽين جا چيئرمين، ۽ ٽائون چيئرمين هميشه هڪڙو جملي چون ٿا "اسان وٽ بجيٽ ناهي، اختيار ناهن”.حقيقت ان جي بلڪل ابتڙ آهي।جڏهن ٽائونز ۽ يو سيز کي ڪروڙين رپيا جاري ٿيا، جڏهن آفيسون هليون، گاڏيون، پئٽرول، پگهارون ۽ آفيس جون خرچيون باقاعدي نڪتو ٿيونته پوءِ صرف ترقياتي ڪمن لاءِ ئي بجيٽ ڇو گهٽ پئجي ويئي ؟هڪ ٻي اهم ڳالهه ٽنهي ٽائونز ۽ 30 يو سيز هڪ ئي سياسي جماعت جي اثر هيٺ هلن ٿيون اهڙي حالت ۾ باهمي هم آهنگي، وسيلن جي ورڇ ۽ عوامي مسئلن جي حل ۾ ڪا وڏي رڪاوٽ هئڻ نه گهرجي ها پر افسوس ڪارڪردگي عملي طور تي ٻڙي آهي۔عوام پنهنجن نمائندن کي ان لاءِ نه چونڊيو ته اهي آفيسون سينگارين، پروٽوڪول وٺن يا پگهارون کڻن۔
هاڻي اها طرزِ حڪمراني وڌيڪ نٿي هلي سگهي۔ضرورت آهي ته هر يوسي جا ساليانا حساب، آڊٽ رپورٽون عوام آڏو رکيون وڃن آمدني ۽ خرچ جا حساب ويب سائيٽ تي شايع ڪيا وڃن گرانٽس ۽ فنڊن جو پبلڪ رڪارڊ جاري ڪيو وڃي ترقياتي ڪمن جون تصويرون، وڊيوز، ٽينڊر ۽ بڊنگ رڪارڊ شفاف ڪيا وڃن اهي سڀ قدم هڪ حقيقي جهموريت کي مضبوط ۽ عوامي اعتماد کي بحال ڪرڻ لاءِ لازم آهن۔اسين عوام جا نمائندا نه آهيون،پر عوام جي آواز ضرور آهيون۔اسان جو حق ۽ ذميواري آهي ته غلط کي غلط چئون،خاموشي ٽوڙيون ۽ سچ سامهون آڻيون۔ملير جي ادارن، ٽائونز ۽ يوسيز جي موجوده ڪارڪردگي انتهائي مايوس ڪن آهي۔