اقتصادي رابطا ڪميٽي اجلاس ۾ شهرين تي واڌو بار وجهڻ جي منظوري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اقتصادي رابطا ڪميٽي شهرين تي واڌو بار وجهڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، او ايم سي مارجن 1.22 رپين تائين وڌي ويندو.
ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ شهرين تي واڌو بار وجهڻ جي منظوري ڏني وئي.
ذريعن موجب اي سي سي آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين ۽ ڊيلرز جي مارجن ۾ واڌ جي منظوري ڏني، پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ في ليٽر 2 رپيا 56 پيسا تائين واڌو بار پوندو، جڏهن ته هڪ رپيو 28 پيسا في ليٽر جو واڌو بار فوري طور تي منتقل ٿيندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پيٽرول جي في ليٽر تي او ايم سي مارجن هڪ رپيو 22 پيسا تائين وڌي ويندو، جڏهن ته ڊيزل جي في ليٽر تي ڊيلرز جي ڪميشن ۾ هڪ رپيو 34 پيسا جي واڌ ٿي ويندي.
اي سي سي طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ موجب پيٽروليم شين تي ڊيلرز ۽ او ايم سيز مارجنز ۾ 5 کان 10 سيڪڙو وچ ۾ واڌ منظور ڪئي وئي، مارجن ۾ اڌ واڌ فوري طور، اڌ ڊجيٽلائيزيشن سان مشروط هوندي، پيٽروليم ڊويزن پهرين جون 2026 تائين رپورٽ ڏيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.