لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور ۾ سيشن ڪورٽ جي هڪ جج جي چيمبر مان ٻه صوف ۽ هڪ هينڊ واش چوري ٿيڻ تي پوليس ڪيس داخل ڪري ورتو آهي، جنهن تي سوشل ميڊيا تي تنقيد ڪئي پئي وڃي.
اسلام پورا ٿاڻي ۾ داخل ايف آءِ آر موجب اهو واقعو 5 ڊسمبر تي پيش آيو، جڏهن ايڊيشنل سيشن جج نور محمد بسمل جي چيمبر مان ٻه صوف ۽ هينڊ واش چوري ٿيو، چوري ٿيل شين جي مجموعي ماليت هڪ هزار رپيا ٻڌائي وئي آهي.
ڪيس جج جي ريڊر جي فرياد تي داخل ڪيو ويو، جنهن ۾ چيو ويو ته هيءَ رپورٽ جج صاحب جي هدايت تي داخل ڪرائي وئي.
پوليس تعزيرات پاڪستان جي قلم 380 تحت ڪيس داخل ڪيو آهي، جنهن تحت چوري ثابت ٿيڻ تي جوابدار کي 7 سال قيد يا ڏنڊ يا ٻئي سزائون ٻڌائي سگهجن ٿيون.
ان انوکي ايف آءِ آر سوشل ميڊيا تي ٿرٿلو مچائي ڇڏيو ۽ واهپيدار انصاف جي نظام تي سوال اٿاري رهيا آهن.
هڪ واهپيدار لکيو ته شايد ريڪوري لاءِ جي آءِ ٽي به ٺاهي وڃي!، ٻئي واهپيدار لکيو ته عام ماڻهو جا لکين، ڪروڙين رپيا ڦرجي وڃن ته ايف آءِ آر ناهي ٿيندي پر جج جا صوف چوري ٿيا ته رياست حرڪت ۾ اچي وئي.
You might also like