اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگوليٽري اٿارٽي (نيپرا) ٽن مهينن جي ايڊجسٽمينٽ تحت بجلي جي اگهه ۾ 33 پيسا في يونٽ واڌ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
اها واڌ هلندڙ سال جي پهرين ٽن مهينن جي ايڊجسٽمينٽ تحت ڪئي وئي، جنهن سان واهپيدارن تي 6 ارب رپين کان وڌيڪ جو واڌو بار پوندو ۽ واهپيدارن کان ڊسمبر کان فيبروري تائين واڌو ادائيگيون ڪرڻيون پونديون.
اها واڌ نه ڪي اليڪٽرڪ واهپيدارن تي به لاڳو ٿيندي.
نيپرا فيصلو وفاقي حڪومت کي موڪلي ڇڏيو ته جيئن حتمي ڪارروائي ڪري سگهجي.
You might also like