نوابشاهه: هٿياربندن جي فائرنگ ۾ ڊيوٽي تي ويندڙ عورت پوليس اهلڪار سخت زخمي، اسپتال منتقل

نوابشاهه (ويب ڊيسڪ) نوابشاهه ۾ ڊيوٽي تي ويندڙ عورت پوليس اهلڪار رخسانا مشوري هٿياربندن جي فائرنگ ۾ سخت زخمي ٿي پئي.
رخسانا مشوري رڪشي تي ڊيوٽي لاءِ وڃي رهي هئي ته هٿياربندن مٿس فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ هوءَ سخت زخمي ٿي پئي، جڏهن ته جوابدار فرار ٿي ويا.
عورت اهلڪار کي زخمي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو.
هوڏانهن ايس ايس پي نواب شاهه شبير احمد سيٺار واقعي جو نوٽيس ورتو ۽ جوابدارن جي جلد گرفتاري جا حڪم ڏنا، جنهن کانپوءِ پوليس جوابدارن جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.