لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب اسيمبلي ۾ پي ٽي آءِ باني عمران خان تي پابندي لڳائڻ جو ٺهراءُ منظور ڪيو ويو.
اجلاس دوران ن ليگ ميمبر طاهر پرويز طرفان پيش ڪيل ٺهراءُ منظور ڪيو ويو، جنهن ۾ مطالبو ڪيو ويو ته عمران خان تي پابندي لڳائي وڃي.
ٺهراءَ ۾ چيو ويو ته ملڪي سلامتي ۽ استحڪام خلاف هر محاذ تي ڪم ڪندڙ ماڻهن ۽ جماعتن خلاف سخت قدم کنيا وڃن.
ٺهراءَ ۾ اهو به زور ڏنو ويو ته اهڙا ماڻهو جيڪي دشمن ملڪ ڀارت جي مفادن لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن، انهن کي سزا ڏني وڃي.
ٺهراءَ ۾ وڌيڪ چيو ويو ته ڀلي اهو ليڊر ڪنهن به سياسي يا غير سياسي پارٽي سان واسطو رکندڙ هجي، اهو قانوني ڪارروائي کي منهن ڏئي ۽ کيس سزا ملڻ گهرجي.
پنجاب اسيمبلي ملڪي استحڪام ۽ حفاظت لاءِ ڪم ڪندڙ ادارن، انهن جي سربراهن ۽ نوجوانن کي خراج تحسين پيش ڪيو.
You might also like