اسلام آبا(ع آ نيوز) ايشيائي ترقياتي بينڪ (اي ڊي بي) جو چوڻ آهي ته پاڪستان کي پاڻيءَ جي سنگين بحران کي منهن ڏيڻو آهي، پاڻي ذخيرن ۾ تيزي سان گهٽتائي جاري آهي، ۽ پاڻيءَ جي تحفظکانسواءِ معاشي ترقي ممڪن ناهي. پاڪستان ۾ پاليسيون مضبوط آهن، پر انهن تي عملدرآمد سست ۽ ڪمزور آهي. ايشيائي ترقياتي بينڪ طرفان ايشيائي واٽر ڊولپمينٽ آئوٽ لڪ 2025ع جي رپورٽ جاري ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان کي پاڻيءَ جي سنگين بحران جي نشاندهي ڪئي وئي آهي. رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته پاڪستان جي 80 سيڪڙو کان وڌيڪ آبادي پيئڻ جي صاف پاڻي کان محروم آهي، پاڪستان ۾ في فرد پاڻيءَ جي دستيابي 3500 کان گهٽ ٿي ڪري 1100 مڪعب ميٽر تائين رهجي وئي آهي، ۽ زميني پاڻيءَ جو بي حساب استعمال ڪري آرسينڪ ( سينکئي) جهڙا زهريلا مادا پکڙجي رهيا آهن. ماحولياتي تبديلين، آبادي ۾اواڌ ۽ ناقص انتظامي پاليسين سبب پاڻيءَ جو بحران وڌي رهيو آهي، ۽ زرعي شعبو سڀ کان وڌيڪ پاڻي ضايع ڪري رهيو آهي. رپورٽ مطابق، پاڻيءَ جي تحفظ کانسواءِ معاشي ترقي ممڪن ناهي. مالياتي وسيلن جي شديد گهٽتائي آهي، ۽ پاڻيءَ جي شعبي ۾ سڌارن ۽ سيڙپڪاري جي ضرورت آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ايندڙ ڏهاڪي ۾ 10 کان 12 ٽريلين رپين جي ضرورت آهي ۽ موجوده سيڙپڪاري ڪافي ناهي. 2022ع ۾ آيل ٻوڏ سبب پاڪستان ۾ لکين ماڻهو بي گهر ٿي ويا. پاڪستان ۾ ٻوڏ ۽ خشڪي جا خطرا برقرار آهن، ۽ پاڪستان کي ايس ڊي جيز (SDGs) لاءِ ساليانو 12 ارب ڊالر جي ضرورت آهي. ايشيائي ترقياتي بئنڪ جو چوڻ آهي ته ناقص پاڻي ۽ صفائي سبب پاڪستان هر سال 2.2 ارب ڊالر جو نقصان برداشت ڪري رهيو آهي. پاڪستان ۾ اربن فلڊنگ ۽ گندي پاڻي جو نيڪال وڏا چيلينج آهن. ڳوٺاڻن علائقن ۾ پاڻي جي پهچ گهٽ آهي ۽ گدلاڻ ۽ نگراني جا مسئلا برقرار آهن. شهري علائقن ۾ پاڻي جو انفرا اسٽرڪچر ڪمزور آهي ۽ گندو پاڻي بغير ٽريٽمينٽ جي خارج ٿي رهيو آهي. صنعتي شعبو تقريبن مڪمل طور تي زيرِ زمين پاڻيءَ تي مدار رکي ٿو ۽ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي صلاحيت ڪافي ناهي. پراڻا نظام بحران ۾ اضافو ڪري رهيا آهن، آبي ماحولياتي نظام وڌيڪ خراب ٿي رهيو آهي، ۽ دريا ۽ ويٽ لينڊز تي دٻاءُ وڌي رهيو آهي.اي ڊي بي پنهنجي رپورٽ ۾ پاڻيءَ جي معيار جي نگراني لاءِ آزاد اٿارٽي قائم ڪرڻ جي تجويز ڏني آهي. ان ۾ چيو ويو آهي ته جيڪڏهن طرزِ حڪمراني بهتر نه ٿيو ته ترقي اڻ برابري ۾ رهندي. ايشيا پيئسفڪ ۾ 2.7 ارب ماڻهو پاڻي جي کوٽ سان منهن ڏئي رهيا آهن، ۽ براعظم ايشيا کي پاڻيءَ جي تحفظ لاءِ 250 ارب ڊالر جي ضرورت آهي. ماحولياتي زوال ۽ فنڊنگ جي گهٽتائي مستقبل ۾ خطرا وڌائي رهي آهي. ايشيا دنيا جي 41 سيڪڙو سيلاڀن جو مرڪز آهي، ۽ پاڻي ۽ صفائي جي منصوبن تي موجوده خرچ ضرورت جو صرف 40 سيڪڙو آهي. پاڻيءَ جي تحفظ لاءِ ساليانو 150 ارب ڊالر جو فنڊنگ گيپ هڪ وڏو خطرو آهي، ۽ 2040 تائين ان علائقي ۾ پاڻيءَ جي نظام لاءِ 4 ٽريلين ڊالر جي ضرورت پوندي.