” پئسا ڪنهن جا ڪِريا آهن؟ “ اسپيڪر جي پڇاڻي تي 12 ايم اين ايز هٿ مٿي ڪري ڇڏيا!

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسمبليءَ جي اجلاس دوران هڪ دلچسپ واقعو پيش آيو.
اجلاس دوران ايوان ۾ ڪنهن ميمبر جا پئسا ڪِري پيا، جنهن تي قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر اياز صادق ايوان ۾ پئسا لهرائي اعلان ڪيو.
هن چيو ته اپوزيشن جي ايوان ۾ اچڻ کان اڳ ڪنهن ميمبر جا پئسا پٽ تي ڪِريل مليا آهن.
ان موقعي تي پئسا وٺڻ لاءِ ڪيترن ئي ميمبرن هٿ مٿي ڪيا، اسپيڪر اياز صادق چيو ته 12 ميمبرن هٿ مٿي ڪيا آهن، جنهن تي ايوان ۾ ٽهڪڙو مچي ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.