هونئن ته سڄي دنيا ۾ ڪروڙين ماڻهو گوگل ميپس کي منزل تائين پهچڻ لاءِ استعمال ڪندا آهن، جيڪڏهن توهان به اهڙن ماڻهن ۾ شامل آهي جيڪي هن سروس کي رڳو رخ ڄاڻڻ لاءِ واپرائن ٿا ته پوءِ توهان ان ۾ لڪل ڪيئي ڪارائتن فيچرن کان اڻ واقف آهيو.
گوگل ميپس توهان جي ڀرپاسي واري دنيا بابت گهڻو ڪجهه ٻڌائي سگهي ٿو.
نيويگيشن کان هٽي ڪري توهان ان ذريعي پنهنجي پسند جي ماڳن، مقامي ڪاروباري ادارن جا تفصيل، رئيل ٽائيم ٽريفڪ ڊيٽا ۽ ٻيو گهڻو ڪجهه ڄاڻي سگهو ٿا.
گوگل ميپس دنيا جي کوجنا جي جاءِ پڻ آهي، توهان ڪنهن نئين شهر جي سير دوران، پنهنجي اباڻي شهر ۾ ماڳن جي ڳولا ڪندي، هوٽلن يا ٻين دڪانن بابت به ڄاڻي سگهو ٿا.
پسنديدا ماڳ محفوظ ۽ اسٽار مارڪ ڪريو
گوگل ميپس کي ان مقصد لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿو ۽ پنهنجي پسنديدا ماڳن کي سيو ۽ اسٽار ڪري سگهجي ٿو ته جيئن ٻيهر به وزٽ ڪري سگهو.
ان مقصد لاءِ گوگل ميپس ايپ کوليو ۽ پوءِ سرچ بار ۾ سليڪٽ مور ذريعي واڌو آپشن اوپن ڪريو.
اتي توهان کي اسٽارڊ ڊپليسز وارو آپشن نظر ايندو جنهن تي ڪلڪ ڪرڻ تي توهان اُهي ماڳ ڏسي سگهون ٿا ته جيڪي توهان پسنديدا فهرست ۾ شامل ڪيا هوندا.
جيڪڏهن توهان ڪڏهن فيورٽ فيچر استعمال ناهي ڪيو ته ان ۾ پنهنجي پسند جا ماڳ ايڊ ڪري سگهو ٿا.
ان کانسواءِ گوگل ميپس طرفان توهان جي هيسٽري کي نظر ۾ رکندي به ماڳ تجويز ڪيا ويندا آهن.
گوگل ميپس ۾ ٽريول ٽائيم لائن وارو فيچر
گوگل ميپس ۾ ٽريول ٽائيم لائن فيچر ذريعي توهان انهن جاين کي ڏسي سگهو ٿا جتي توهان ماضي ۾ وڃي چڪا آهيو.
هي فيچر پاڻمرادو انهن روٽن کي محفوظ ڪري ٿو جتي توهان وڃي چڪا آهيو، پر ان کي استعمال ڪرڻ لاءِ توهان کي پاڻ ان کي متحرڪ ڪرڻو پوندو. هڪ دفعو ان کي آن ڪرڻ سان توهان پنهنجي قدمن تي ٻيهر هلي سگهو ٿا.
اِهو فيچر فون گم ٿيڻ يا ڊوائيس اپ گريڊ ڪرڻ جي صورت ۾ پڻ مددگار ثابت ٿئي ٿو، ڇو ته گوگل ميپس جي ڊيٽا ضايع ناهي ٿيندي.
ان کي استعمال ڪرڻ لاءِ گوگل ميپس کوليو، سرچ بار تي ڪلڪ ڪريو ۽ مور مينيو مان ٽائيم لائن تي وڃو.
ون ٽچ نيويگيشن سان ٽرپس محفوظ ڪريو
جيڪڏهن گوگل ميپس ڪنهن ماڳ لاءِ مختلف روٽ آپشن ڏي ٿو ته توهان ڪنهن هڪ جي چونڊ ڪري سگهو ٿا.
ان کانپوءِ توهان جي منزل لاءِ گوگل انهي روٽ بابت ڄاڻ ڏيندو. منزل ٽائپ ڪرڻ کانپوءِ گوگل طرفان ڏنل روٽن مان پسنديدا روٽ کي هاءِ لائيٽ ڪري محفوظ ڪريو.
ليئرز استعمال ڪريو
گوگل ميپس ۾ مختلف انٽرئيڪٽو يوزر انٽرفيس موجود آهن، جنهن ۾ ڪيترن ئي ليئرز تي ٻڌل نظارا شامل آهن، مختلف رنگ مختلف شين جي نمائندگي ڪندا آهن، مثال طور ساون ميدانن يا ٻيلن بابت هوندو آهي ۽ نيرو رنگ پاڻي سان جڙيل هوندو آهي.
ڪجهه ليئرز حقيقي وقت ۾ ٽريفڪ جي ڄاڻ ڏين ٿيون جڏهن ته پبلڪ ٽرانزٽ ليئر پبلڪ ٽرانسپورٽ روٽس بابت ٻڌائي ٿي.
ويجهو موجود مخصوص لوڪيشنز يا سهولتون ڳوليو
جيڪڏهن توهان کي اي ٽي ايم، اليڪٽرڪ گاڏي چارجنگ اسٽيشن يا اسپتال ڳولي رهيا آهيو ته گوگل ميپس ۾ شارٽ ڪٽ موجود آهن.
ايپ کولڻ کانپوءِ ٽاپ بار تي مختلف لوڪيشنز ۽ سهولتون ڏسي سگهجن ٿيون، ڪنهن هڪ تي ڪلڪ ڪرڻ سان توهان جي ويجهو موجود هڙئي لوڪيشنز ڏيکاريون وينديون.
جيڪڏهن مٿي بار ۾ گهربل سهولت موجود ناهي جيڪا توهان ڳولي رهيا آهيو ته مور تي ڪلڪ ڪريو، جتي ڪيئي ڪيٽيگريز جي فهرست اچي ويندي.
گلانس ايبل ڊائريڪشنز فيچر سان فون جي بيٽري بچايو
گلانس ايبل ڊائريڪشنز فيچر گوگل ميپس جي نيويگيشن موڊ کي پاڻمرادو اپڊيٽس ۽ جِي پِي ايس ڊائريڪشنز سان ڳنڍي ٿو.
ان جي استعمال لاءِ فون کولڻ ۽ گوگل ميپس ايپ کولڻ ضروري نه آهي.
ڊوائيس جي لاڪ اسڪرين تي اِهو فيچر سسٽم نوٽيفڪيشنز جي ذريعي نظر ايندو ۽ جيڪڏهن روٽ بدلجي وڃي ته ميپس پاڻمرادو اپڊيٽ ڪندي.
يعني جيڪڏهن سفر دوران توهان مختلف رستو ورتو تڏهن به رستن بابت اپڊيٽس ملي وينديون.
هي فيچر پنڌ، گاڏي يا موٽر سائيڪل هلائيندي پڻ استعمال ڪري سگهجي ٿو.
ان کي محفوظ ۽ بهتر نيويگيشن لاءِ ڊزائين ڪيو ويو آهي ته جيئن سفر دوران فون جو استعمال گهٽجي وڃي.
ان کي فعال ڪرڻ لاءِ ميپس ايپ جي سيٽنگز ۾ نيويگيشن سيٽنگز کوليو ۽ گلانس ايبل ڊائريڪشنز آپشن کي ٽرن آن ڪريو.