جناح ”وندي ماترم“ جي مخالفت ڪئي ۽ نهرو ان سان اتفاق ڪيو: نريندر مودي

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي انڊين قومي تراني ”وندي مارترم“ کي 50 سال اڳ اپوزيشن جماعت جي اڳوڻي وزيراعظم اندرا گانڌي طرفان لڳايل ايمرجنسي سان جوڙيندي ڪانگريس تي تنقيد ڪئي آهي.
نريندر مودي وندي ماترم جي 150هين سالگرهه جي موقعي تي لوڪ سڀا ۾ ٿيندڙ بحث دوران اپوزيشن تي قومي تراني جو احترام نه ڪرڻ جو الزام هنيو.
هن جواهر لعل نهرو تي به الزام هنيو ته هن وندي ماترم جي مخالفت ۾ پاڪستان جي باني محمد علي جناح جي پيروي ڪئي هئي، ڇو ته سندس خيال ۾ ان سان ”مسلمانن ۾ شر“ پکڙجي پئي سگهيو.
ندريندر مودي چيو ته جڏهن وندي ماترم جي 100هين سالگرهه ملهائي وئي ته ان وقت ملڪ ۾ ايمرجنسي لڳائي وئي هئي ۽ آئين کي گهٽو ڏنو ويو هو.
هن نومبر 1875 ۾ بنڪم چندر چٽرجي جي لکيل گيت جي تعريف ڪندي چيو ته هاڻ 150 سال پورا ٿيڻ تي وندي ماترم جو شان بحال ڪرڻ جو سٺو موقعو آهي، جنهن اسان کي 1947 ۾ آزادي ڏياري.
پارليامينٽ ۾ بحث دوران بي جي پي وندي ماترم تي ڪانگريس کي نشانو بڻايو ۽ الزام هنيو ته ان 1973 جي اجلاس ۾ هڪ فرقيواراڻي ايجنڊا ڏانهن وڌندي تراني جو احترام نه ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.