لنڊن (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ ليجنڊري فاسٽ بالر وسيم اڪرم پاڪستان سپر ليگ ( پي ايس ايل ) بابت پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ليگ ۾فرنچائز خريدڻ واري شخص کي ڪوچ کان ”ميچ ڇو هارائي“ جهڙو سوال نه ڪرڻ گهرجي.
وسيم اڪرم وڌيڪ چيو ته گهڻي ڀاڱي ميچ هارائڻ کانپوءِ مالڪن سڌي ريت ڪوچز وٽ ويندا آهن ۽ اِهو سوال ڪندا آهن ته توهان ميڇ ڇو هارائي؟
سندس چوڻ هو ته اهڙي سوال جو جوڳو يا واضح جواب ڏيڻ ڏکيو آهي، ڇو ته ڪرڪيٽ هڪ راند آهي، جنهن ۾ ڪڏهن ڪير کٽيندو آهي ۽ ڪو هارائيندو آهي.
هن پي ايس ايل جي خوبصورتي تي ڳالهائيندي چيو ته لڳ رڳو 34 يا 35 ڏينهن ۾ مڪمل ٿي ويندي آهي، هيءَ ٽورنامينٽ ٻين ليگز جيان ڊگهي ناهي، ڪجهه ليگز اهڙيون آهن جو ٻار وڏا ٿي وڃن ٿا پر اِهي ختم ئي ناهن ٿينديون.
ڪوچزن کان ” ميچ ڇو هارائي“ جهڙا سوال نه ڪرڻ گهرجن، وسيم اڪرم جي پي ايس ايل فرنچائز مالڪن کي صلاح
You might also like