ڀمبر (م ڊ) پي ٽي آءِ جي تعلقي صدر ميجر (ر) طارق محمود آزاد ڪشمير جي تعلقي سماهني ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پارٽي ڇڏڻ جو اعلان ڪيو آهي، ميجر (ر) طارق محمود چيو ته هو اهڙي پارٽي جو حصو نه ٿو رهي سگهي جيڪا پاڪ فوج جي خلاف ارادا رکي ٿي، هن ٻڌايو ته پاڪ فوج خلاف جيڪي بيان جاري ڪيا پيا وڃن، ان جي مخالفت ۾ احتجاجن هو پارٽي ڇڏي رهيو آهي، وطن ۽ پاڪ فوج کان وڌيڪ ڪجهه به ناهي ۽ هو انهن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيهڻ جو عزم رکي ٿو.