عمران مائنس نه ٿيو ته پوري پي ٽي آءِ ختم ٿي ويندي:فيصل واوڊا

اسلام آباد(عوامي آواز رپورٽ)سينيٽر فيصل واوڊا چيو آهي ته جيڪڏهن پي ٽي آءِ “مائنس ون” فارمولي تي نٿي اچي، ته پوري جماعت مائنس ٿي ويندي۔هن چيو ته پي ٽي آءِ جي مقبوليت ختم ٿي چڪي آهي، هو رڳو اقتدار ۽ پئسي جي جنگ وڙهندڙ آهن، ملڪ سان پيار نٿا ڪن۔فيصل واوڊا چيو ته سياستدانن جا پنهنجا پاڻ ۾ جهيڙا آهن، هاڻي هڪ انچ به برداشت نه ڪيو ويندو، “رڳڙي ڇڏينداسين”۔ هڪ نئون لفظ “اِيسِي کي تيسي” به اچي ويو آهي۔هن چيو ته عمران خان جون ڀينرون پاڻ ٻڌائي ويون ته عمران خان کي جيڪڏهن ڪنهن سان ملاقات نه ملي ته هو پريشان ٿي وڃن ٿوواضح رهي ته عمران خان سان سياسي ۽ گهرو ملاقاتن تي پابندي لڳائي وئي آهي، ۽ چيو ويو آهي ته ڪنهن به قيدي کي جيل ۾ ويهي سياست ڪرڻ جي اجازت نه آهي۔

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.