پاڪ بحريا هر سال 9 ڊسمبر تي وڏي جوش ۽ جذبي سان ”هنگور ڊي“ ملهائيندي آهي ۽ هن ڏينهن جي مناسبت سان مختلف تقريبون منعقد ڪيون وينديون آهن. هن سال 54هون هنگور ڊي ملهايو پيو وڃي۔ هر سال هن ڏينهن کي ملهائڻ جو مقصد انهن غازين ۽ جانبازن کي سلامِ عقيدت پيش ڪرڻ آهي، جن 1971 جي پاڪ ـ ڀارت جنگ دوران بحري ۽ دفاعي لحاظ کان هڪ ناقابلِ فراموش ڪارنامو سر انجام ڏنو. ”غازي“ ۽ ”هنگور“ ٻه اهڙا نالا آهن، جن پاڪستان سميت پوري دنيا جي بحري فوجن آڏو ملڪ لاءِ قرباني ۽ پيشيوراڻي صلاحيتن جون لازوال ڪهاڻيون رقم ڪيون. جتي سمنڊ مختلف ملڪن جي معاشي ۽ اقتصادي حالت بدلائي رهيا آهن، اتي ڪجهه ملڪ اهڙا به آهن، جن جي جنگي جنون سبب سمنڊن جي مستقبل کي به سخت خطرا لاحق ٿي ويا آهن. پهرين ۽ ٻي عالمي جنگ کان پوءِ، 1971ع ۾ ڀارت طرفان ڪيل جارحيت سبب خليجِ بنگال ۾ اهڙا منظر ڏسڻ ۾ آيا، جيڪي اڳ ڪڏهن به نظر نه آيا هئا. مشرقي پاڪستان ۾ افراتفري واري صورتحال جو فائدو وٺندي ڀارت پنهنجي لڪل دشمني ظاهر ڪئي ۽ پاڪستان خلاف باقاعده جنگ شروع ڪري ڇڏي، جيڪا عالمي قانونن موجب ڪنهن ملڪ جي اندروني معاملن ۾ مداخلت هئي.
1965ع کان پوءِ هي ٻيو موقعو هو، جڏهن ڀارت پاڪستان خلاف پنهنجا ناپاڪ ارادا عملي صورت ڏيڻ چاهيا. ڀارت جي طرفان باقاعده جنگ شروع ڪرڻ کان پوءِ پاڪستان وٽ رڳو اهو ئي آپشن بچيو هو ته هو ڀارتي جارحيت جو منهن ٽوڙ جواب ڏئي. ان حوالي سان پاڪ بحريا جي طرفان پي اين ايس غازي کي هي ذميواري ڏني وئي ته هو خليجِ بنگال پهچي دشمن جي سازشن تي نظر رکي. بعد ۾ ڀارت کي مغربي پاڪستان تي حملو ڪرڻ کان روڪڻ لاءِ هي فيصلو ڪيو ويو ته خليجِ بنگال ۾ بارودي سرنگون وڇايون وڃن ته جيئن دشمن جي اڳڀرائي روڪي سگهجي. هن منصوبي کي پورو ڪندي پي اين ايس غازي پاڻ پنهنجي وڇايل بارودي سرنگ ڦاٽڻ سبب تباهه ٿي وئي. جيتوڻيڪ پي اين ايس غازي تمام ٿوري عرصي لاءِ پاڪ بحري ٻيڙي جو حصو رهي، پر ان جي دهشت اڄ به دشمن کي ڏڪائي ڇڏي ٿي. اهڙين حالتن ۾ دشمن جي اڳڀرائي کي روڪڻ ضروري ٿي پيو. صورتحال کي ڏسندي پاڪستان طرفان پي اين ايس غازي جو اڌورو مشن پورو ڪرڻ جي ذميواري پي اين ايس هنگور کي ڏني وئي.
9 ڊسمبر جي شام کانپوءِ، آبدوز جي سينسرز رفتار ۽ نقل و حرڪت کي محسوس ڪيو. هنگور آبدوز جي تيار ۽ جرئت مند جوانن شڪارين کي شڪار ڪرڻ جو ارادو ڪيو. ڪمانڊر احمد تسنيم جي اشاري تي هنگور آبدوز پهريون ڀيرو آءِ اين ايس ڪرپان کي لاڪ ڪري ٽارپيڊو سان نشانو بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر گهڻي کوٽائي سبب ٽارپيڊو پنهنجي ٽارگيٽ کي تباهه نه ڪري سگهيو. ان حملي سبب آءِ اين ايس ڪڪري کي هنگور آبدوز جي پوزيشن جو اندازو ٿي ويو، پر ان کان اڳ جو ڪڪري ڪا ڪارروائي ڪري، هنگور آبدوز ان کي پنهنجي نشاني تي آڻي ٻيو ٽارپيڊو هلايا.
اهو ٽارپيڊو سڌو ڪڪري جي بارودي مواد تي لڳو، جنهن سان زوردار ڌماڪو ٿيو ۽ ڪڪري بحري جهاز جا ٽوٽا اڏامي ويا. فقط ٻن منٽن ۾ هي جهاز 18 آفيسرن ۽ 176 سيلرن سميت سمنڊ جي حوالي ٿي ويو. ڪڪري کي تباهه ڪرڻ کان پوءِ آبدوز هنگور ٻيهر آءِ اين ايس ڪرپان ڏانهن ڌيان ڏنو ۽ ان کي ڪنهن به جوابي ڪارروائي کان روڪڻ لاءِ هڪ ٻيو ٽارپيڊو هلايا، جنهن ڪرپان جي پٺئين حصي کي نقصان پهچايو ۽ ان کي موٽڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو.
آءِ اين ايس ڪڪري جي تباهيءَ سان 194 موتون رڪارڊ ٿيون، جنهن کانپوءِ ”هنگور ڊي“ جي نالي سان عظيم فتح وارو ڏينهن ملهايو وڃي ٿو، جنهن ۾ پاڪ بحريا جي جرئت ۽ بهادري کي ياد ڪيو وڃي ٿو. آبدوز هنگور کي جنگِ عظيم دوم کان پوءِ ڪنهن بحري جنگي جهاز کي ٻوڙيندڙ پهرين روايتي آبدوز هجڻ جو اعزاز حاصل آهي. هنگور آبدوز جي هيروز کي هن تاريخي ڪارنامي جي اعتراف طور 4 ستاره جرئت، 6 تمغه جرئت ۽ 14 امتياز سان نوازيو ويو، جيڪو پاڪ بحريا جي ڪنهن به يونٽ کي ملندڙ اعزازن جو سڀ کان وڏو تعداد آهي.
1970ع کان 2006ع تائين پنهنجي خدمتون مڪمل ڪرڻ کان پوءِ، هنگور آبدوز کي پاڪ نيوي جي ميرين ٽائم ميوزيم ڪراچي ۾ نصب ڪيو ويو، جتي ان مشن ۽ عملي جا تفصيل درج آهن، جيڪي ايندڙ نسلن کي هن تاريخي ڏينهن ۽ لازوال بهادري جي ڪهاڻي ٻڌائينديون رهنديون 9.ڊسمبر اهو ڏينهن آهي، جڏهن پوري قوم پنهنجي بحريا کي سلام پيش ڪري ٿي، جنهن امن ۽ جنگ ٻنهي حالتن ۾ ملڪ ۽ قوم سان بي لوث وفاداري، جرئت ۽ بهادري جا عظيم مثال قائم ڪيا آهن.