صبا قمر ڏچي ۾:سرجريون، فلرز ۽ انجيڪشن استعمال ڪندڙ ميڪ اپ نه ڪرڻ جو درس نه ڏين: سوشل ميڊيا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اداڪارا صبا قمر پنهنجي جاندار اداڪاري لاءِ ڄاتي ويندي آهي پر ويجهڙائي ۾ کيس پنهنجي هڪ سين سبب ڇتي تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي.
پاني جيسا پيار، باغي، بي شرم، چيخ، ڊائجسٽ رائيٽر ۽ فراڊ جهڙن مشهور ڊرامن ۾ پنهنجي اداڪاري جا جوهر ڏيکاريندڙ صبا قمر اڄڪلهه ٻن مشهور ڊرامن ڪيس نمبر نائين ۽ پامال ۾ ڪم ڪري رهي آهي.
پامال ۾ سندس عثمان مختار سان گڏ ڪميسٽري کي پسند ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته ڪيس نمبر نائين ۾ريپ سروائيور جو مضبوط ڪردار نڀائڻ تي کيس تمام گهڻو ساراهيو پيو وڃي.
صبا قمر پنهنجي فطري خوبصورتي ۽ گهٽ ميڪ اپ جي استعمال لاءِ به مشهور آهي، تازو ڪيس نمبر نائين جي نئين قسط ۾ هوءَ بنا ميڪ اپ جي نظر آئي ۽ هن انسٽا پوسٽ ۾ لکيو” هلو، اسڪرين تي بنا ميڪ اپ اچڻ کي نارمل ڪريو.“
پر سوشل ميڊيا واهپيدارن ان بيان سان اختلاف ڪندي نظر آيا ۽ ڇتي تنقيد جو نشانو بڻايو.
واهپيدارن لکيو ته ” صبا قمر سميت ڪيئي فنڪار مهانگن ڪاسميٽڪ طريقيڪار، فلرز اور انجيڪشن جو استعمال ڪندا آهن، تنهنڪري انهن لاءِ نو ميڪ ايپ دعويٰ درست ناهي.“
هڪ واهپيدار چيو ته ” سرجريون، فلرز ۽ انجيڪشن استعمال ڪندڙ ميڪ اپ نه ڪرڻ جو درس نه ڏين.“
ڪجهه واهپيدارن طنزيه انداز ۾ لکيو ته ” سرجريز ۽ فلرز کانپوءِ بنا ميڪ ايپ اچڻ سولو آهي، جڏهن ته ڪجهه چيو ته اداڪارا حقيقت ۾ ميڪ اپ ۾ هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.