راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) سيڪيورٽي فورسز بلوچستان جي ضلعي ڊيرا بگٽي ۾ ڳجهي اطلاع تي آپريشن دوران فتنه الخوارج جي 5 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو.
آءِ ايس پي آر موجب سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن جي ٿاڪن کي اثرائتي طريقي سان نشانو بڻايو، دهشتگردن جي قبضي مان هٿيار، گولا، بارود ۽ ڌماڪيدار مواد به برآمد ٿيو.
مارجي ويل دهشتگرد علائقي ۾ ڪيترين ئي دهشتگرد ڪارروائين ۾ ملوث هئا، وڌيڪ امڪاني دهشتگردن جي خاتمي لاءِ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي.
You might also like